Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس امن وامان جي قيام لاءِ متحرڪ
*دادو: پوليس مقابلو*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس امن وامان جي قيام لاءِ متحرڪ،،
*دادو ويجھو ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ مقابلي دوران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪيو ويو وٽانئس ھٿيار ھٿ..*
ايس ايڇ او ڦلجي اسٽيشن ساوڻ خان ڪلھوڙو جو پوليس پارٽي سان گڏ گشت دوران ڏاوڇ لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھٿياربند ڏوھارين سان مقابلو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪيو ويو ۽ زخمي ڏوھاري جا 4 ساٿي جوابدار پوليس مٿان فائرنگ ڪندا واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا
زخمي جوابدار جي سڃاڻپ ايڪٽيِو ڏوھاري عاشق علي ولد واحد بخش پنهور طور ٿي آهي سندس وٽان ھڪ پستول هٿ آيو. زخمي ڏوھاري کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏھن تہ سندس فرار ٿي ويل ساٿين جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران علائقي ۾ وڌيڪ سرچ آپريشن جاري آهي.
زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوھاري چوري، ڦر، غيرقانوني ھٿيار رکڻ ۽ ٻين ڏوھن ۾ ملوث ھيو سندس خلاف ڦلجي اسٽيشن ۽ مخدوم بلاول ٿاڻن تي داخل ھن مھل تائين 4 ڪيسن جو ريڪارڊ ملي چڪو آهي جڏھن تہ وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي ۽ ضابطي جي مڪمل ڪاروائي سميت جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.