Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي پوليس جي سالياني فائرنگ پريڪٽس منعقد ڪئي وئي آھي، ايس ايس پي دادو فائرنگ رينج جو دورو ڪري مشق جو جائزو ورتو
ضلع دادو پوليس
تاريخ، 07/01/2025
*دادو پوليس جي سالياني فائرنگ مشق*
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي پوليس جي سالياني فائرنگ پريڪٽس منعقد ڪئي وئي آھي، ايس ايس پي دادو فائرنگ رينج جو دورو ڪري مشق جو جائزو ورتو*
کير ٿر جابلو پٽي ۾ موجود فائرنگ رينج ۾ 6 جنوري کان شروع ٿيندڙ هن پنج ڏينهن واري ايوينٽ ۾ دادو پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪار کي فائرنگ پريڪٽس ۽ ويپن هينڊلنگ جي مشق ڪرائي پئي وڃي
فائرنگ رينج ۾ تربيت يافتہ استادن جي نگرانيءَ ۾ اهلڪارن پاران مختلف جديد ۽ خودڪار لانگ رينج ۽ شارٽ رينج ھٿيارن سان ھدف کي نشانو بڻائڻ ساڻ فائرنگ جي پريڪٽس جاري آھي
ان موقعي تي فائرنگ رينج ۾ ضروري حفاظتي انتظام پڻ ڪيا ويا آھن، ايريا کي محفوظ بڻائڻ سان گڏ ايمرجنسي جي صورت ۾ فرسٽ ايڊ ڏيڻ لاءِ ميڊيڪل اسٽاف عملو به موجود رکيو ويو آهي
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي فائرنگ رينج جو دورو ڪري انتظامن ۽ مشق جو جائزو ورتو ۽ خود بہ فائرنگ جي مشق ۾ حصو ورتو
فائرنگ پريڪٽس دوران ھدف تي ڪامياب نشانہ لڳائيندڙ جوانن کي ايس ايس پي دادو شاباشي ڏني
فائرنگ مشق جو مقصد اهلڪارن جي خود اعتمادي ۾ اضافو ڪرڻ ۽ انهن جي دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ آهي، جيئن ھو ڪنهن به ايمرجنسي موقعي تي مؤثر ۽ ڦڙتيلي ڪارروائي ڪري پنھنجي دفاع سان گڏوگڏ عوام جي حفاظت يقيني بڻائي سگھن