Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري،

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 10/6/2025

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري،

*خيرپورناٿن شاھ ۾ پوليس خون جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، چوري ۽ ڦر ٿيل سامان بہ برآمد*

خيرپورناٿن شاھ ۾ پوليس مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪندي *خون جي ڪيس ۾ اشتھاري جوابدار عمران عرف ببلو چانڊيو* کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

گرفتار جوابدار سال 2023ء ۾ ڪي اين شاھ ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي دشمني تان مارجي ويل نوجوان اعجاز چانڊيو جي قتل ڪيس گناھ نمبر 138/2023 قلم 302 ت پ ۾ پوليس کي گھربل ھيو.

ٻئي پاسي خيرپور ناٿن شاھ پوليس ڪاروايون ڪري ڪجھ ڏينھن اڳ شھري لعل شاھ جي ڦر ٿيل ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ۽ ڊاڪٽر سيد امداد علي جي ڪلينڪ تان چوري ٿيل اليڪٽريڪل سامان برآمد ڪري ورتو، برآمد ڪيل سامان ضروري ڪاروائي بعد مالڪن حوالي ڪيو ويو آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.