Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن دادو پوليس عوام جي جان ومال جي حفاظت لاءِ مصروفِ عمل
ضلع دادو پوليس
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن دادو پوليس عوام جي جان ومال جي حفاظت لاءِ مصروفِ عمل،*
*میھڙ ۽ دادو ۾ پوليس ڪامياب ڪاروايون ڪندي چوري ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ پکا برآمد ڪري ورتا 2 جوابدار به گرفتار*
ميهڙ ۾ ون فائيو مددگار انچارج فقير محمد برهماڻي پنھنجي ٽيم ساڻ ڪاروائي ڪندي ٻه ڏينھن اڳ مسجد لعل شاھ ڪالوني مان چوري ٿي ويل ھزارين روپيا ماليت کا پکا برآمد ڪري ورتا برآمد ڪيل پکا مسجد جي پيش امام حوالي ڪيا ويا آھن، مسجد جي پيش پوليس ڪاوشن کي ساراهيندي پوليس ٽيم کي ھار پارائي سندن حوصلا افزائي ڪئي.
ھڪ ٻي ڪاروائي ۾ ميھڙ ون فائيو مددگار پوليس شھري سيد بابن شاھ جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي ۽ جوابدار عرفان کوسو گرفتار ڪري سندس خلاف ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
ٻئي پاسي ايس ايڇ او ميھڙ بي سيڪشن اصغر علي تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ ميھڙ بي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪندي ڦورو قدير علي سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو جنھن وٽان ھڪ بغير لائسنس پستول ۽ بنا نمبرن واري سي ڊي موٽرسائيڪل برآمد ڪئي وئي آهي. جوابدار خلاف ميهڙ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
دادو ڀرسان خداآباد ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي 29 مارچ تي شھري اشرف علي شيخ کان ڦر ٿيل ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي. موٽرسائيڪل مالڪ پاران ايس ايچ او خداآباد منظور احمد مستوئي ۽ ٽيم کي ھار پارائي حوصلا افزائي ڪئي وئي