Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 20 اپریل 2025
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري،
*ميهڙ ۾ پوليس پنجن سالن کان خون جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو*
ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام اصغر تنيو سپاھ سميت ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي *اشتھاري جوابدار علي نواز ولد اميد علي کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آھي*
جوابدار سال 2020 ۾ ميھڙ ڀرسان ڳوٺ رحم علي کوسو ۾ گھٽي جي معاملي تان ٿيل جھيڙي ۾ مارجي ويل عورت جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي گھربل ھيو
ڄاڻايل واقعي جو ڪيس مقتولا عورت جي ڀاءُ محمد خان کوسو جي فرياد تي ميھڙ ٿاڻي ۾ گناھ نمبر 68/2020 ڏوھ قلم 302، 452، 114، 148، 149، 337Hii ت پ تحت داخل ٿيل ھيو.