Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پوليس جون ڪاروايون، ڦورو گينگ سميت 5 ڏوھاري گرفتار، غيرقانوني هٿيار، منشيات ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ

دادو پوليس جون ڪاروايون، ڦورو گينگ سميت 5 ڏوھاري گرفتار، غيرقانوني هٿيار، منشيات ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي ڏوهاري سرگرمين خلاف دادو پوليس مصروفٍ عمل آھي،

ان ڏس ۾ ٿرڙي محبت ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او ٿرڙي محبت اقبال احمد ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪري ڦر جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٽي رڪني ڦورو گينگ کي گرفتار ڪري ورتو،

گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ شعبان زرداري، نادر زرداري ۽ فرحان زرداري طور ٿي، جوابدارن وٽان ٻه پستول، هڪ رپيٽر گن ۽ سندن استعمال هيٺ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آھي، جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي،

ٻئي پاسي

ايس ايڇ او سيتا روڊ دلي جان مگسي جي اڳواڻي ۾ سيتا روڊ پوليس ٻن ڌار ڌار ڪارواين ۾ غيرقانوني هٿيار ۽ منشيات سميت ٻه جوابدار گرفتار ڪري ورتا،

گرفتار جوابدارن ۾ محمد هارون چانڊيو ۽ فاروق سولنگي شامل آهن، جوابدار هارون چانڊيو وٽان هڪ ڪلو کان وڌيڪ (1075g) چرس، جڏهن ته جوابدار فاروق سولنگي وٽان بنا لائسنس ريوالور هٿ ڪيو ويو ٻنهي جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

خيرپور ناٿن شاھ ۾ پوليس شھري سرمد لاکير جي چوري ٿيل سي ڊي موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي برآمد ڪيل موٽرسائيڪل مالڪ جي حوالي ڪئي وئي آهي. جڏھن تہ موٽرسائيڪل مالڪ پاران ڊي ايس پي ڪي اين شاھ سرفراز حسين منگي ۽ ايس ايڇ او ڪي اين شاھ سيف الله ٻگهيو سميت ٽيم کي ھار پارائي سندن حوصلا افزائي پڻ ڪئي وئي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.