Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ضلع دادو پوليس مورخہ: 2/4/2025 ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوهارين خلاف دادو پوليس جون ڪارروايون، ڇاپن دوران شراب فروشي، چوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 6 جوابدار گرفتار، ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون، سولر پينل، غيرقانوني هٿيار ۽ شراب برآمد. ڪيس داخل ڪيا ويا تفصيل موجب: نئون ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت علي گوپانگ جي سربراهي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي چوريون ڪندڙ جوابدار ڪامران لاکير کي سڳُ سوڌو گرفتار ڪري ورتو جنھن وٽان چوري ٿيل سولر پينل ۽ هڪ بغيرلائسنس پستول برآمد ٿيو جوابدار خلاف چوري ۽ اسلحہ ايڪٽ جا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. خيرپور ناٿن شاھ ۾ شراب (ٺرو) وڪرو ڪندڙن خلاف ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاھ جي اڳواڻي ۾ پوليس جا ڇاپا، مختلف هنڌن تان 2 جوابدار ممتاز لاکير ۽ محمد عديل سوڍر گرفتار ڪري 14 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪيو ويو. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي دادو لڳ خدا آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ڪارروائي، خدا آباد پوليس مقابلي بعد ايڪٽو ڏوھاري سرور عرف بابو لنڊ کي بغيرلائسنس پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ۽سندس ساٿين خلاف ڊيوٽي اٽڪاء ۽ اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي ڪَڪَڙ ٿاڻي جي حد درمحمد ابڙو اسٽاپ وٽ ايس ايڇ او ڪَڪَڙ جي سربراهي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي شراب سميت منشيات فروش جوابدار محمد علي ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار وٽان شراب جون 5 بوتلون هٿ ڪيون ويون سندس خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪئي پئي وڃي. ايس ايڇ او ٿاڻو ڦلجي وليج امتيار علي شاھ بمعہ سپاھ ڪاروائي ڪندي گهربل جوابدار ميان بخش مري کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ڦلجي وليج ٿاڻي تي داخل گناھ نمبر 9/2025 قلم 324 ۾ پوليس کي گهربل هو. ايس ايڇ او ٿاڻو ڦلجي اسٽيشن عنایت الله لغاري جي سربراهي ۾ پوليس جون ڪاروايون، 2 ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري اصل مالڪن محمد علي ڏاوڇ ۽ عبدالرشيد چانڊيو جي حوالي ڪيون ويون آھن. موٽرسائيڪل مالڪن پاران دادرسي ڪرڻ تي پوليس ٽيم کي ھار پارائي حوصلا افزائي ڪئي وئي.

ضلع دادو پوليس

مورخہ: 2/4/2025

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوهارين خلاف دادو پوليس جون ڪارروايون،

ڇاپن دوران شراب فروشي، چوري ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 6 جوابدار گرفتار، ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون، سولر پينل، غيرقانوني هٿيار ۽ شراب برآمد. ڪيس داخل ڪيا ويا

تفصيل موجب:

نئون ڳوٺ ٿاڻي جي ايس ايڇ او لياقت علي گوپانگ جي سربراهي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي چوريون ڪندڙ جوابدار ڪامران لاکير کي سڳُ سوڌو گرفتار ڪري ورتو جنھن وٽان چوري ٿيل سولر پينل ۽ هڪ بغيرلائسنس پستول برآمد ٿيو جوابدار خلاف چوري ۽ اسلحہ ايڪٽ جا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

خيرپور ناٿن شاھ ۾ شراب (ٺرو) وڪرو ڪندڙن خلاف ايس ايڇ او خيرپورناٿن شاھ جي اڳواڻي ۾ پوليس جا ڇاپا، مختلف هنڌن تان 2 جوابدار ممتاز لاکير ۽ محمد عديل سوڍر گرفتار ڪري 14 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪيو ويو. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

دادو لڳ خدا آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ڪارروائي، خدا آباد پوليس مقابلي بعد ايڪٽو ڏوھاري سرور عرف بابو لنڊ کي بغيرلائسنس پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ۽سندس ساٿين خلاف ڊيوٽي اٽڪاء ۽ اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي

ڪَڪَڙ ٿاڻي جي حد درمحمد ابڙو اسٽاپ وٽ ايس ايڇ او ڪَڪَڙ جي سربراهي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي شراب سميت منشيات فروش جوابدار محمد علي ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار وٽان شراب جون 5 بوتلون هٿ ڪيون ويون سندس خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪئي پئي وڃي.

ايس ايڇ او ٿاڻو ڦلجي وليج امتيار علي شاھ بمعہ سپاھ ڪاروائي ڪندي گهربل جوابدار ميان بخش مري کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ڦلجي وليج ٿاڻي تي داخل گناھ نمبر 9/2025 قلم 324 ۾ پوليس کي گهربل هو.

ايس ايڇ او ٿاڻو ڦلجي اسٽيشن عنایت الله لغاري جي سربراهي ۾ پوليس جون ڪاروايون، 2 ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪري اصل مالڪن محمد علي ڏاوڇ ۽ عبدالرشيد چانڊيو جي حوالي ڪيون ويون آھن. موٽرسائيڪل مالڪن پاران دادرسي ڪرڻ تي پوليس ٽيم کي ھار پارائي حوصلا افزائي ڪئي وئي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.