Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي منشيات فروشن، روپوش، اشتهاري ۽ ايڪٽو ڏوھارين خلاف ڇاپا دادو، ميهڙ ۽ جوهي ۾ ڪامياب ڪاروايون، هڪ اشتهاري سميت ٽي جوابدار گرفتار، منشيات ۽ غيرقانوني هٿيار هٿ، ڪيس داخل ڪيا ويا
ضلع دادو پوليس
مورخہ: 12/04/2026
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي منشيات فروشن، روپوش، اشتهاري ۽ ايڪٽو ڏوھارين خلاف ڇاپا دادو، ميهڙ ۽ جوهي ۾ ڪامياب ڪاروايون، هڪ اشتهاري سميت ٽي جوابدار گرفتار، منشيات ۽ غيرقانوني هٿيار هٿ، ڪيس داخل ڪيا ويا*
جوھي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نديم علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ جوهي پوليس ڪاروائي ڪندي غيرقانوني هٿيار سميت هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ سڄن عرف نانگ لغاري طور ٿي، جنهن وٽان بنا لائسنس پسٽل هٿ ڪيو ويو سندس خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي
ميهڙ ۾ مددگار 15 انچارج امداد علي سيھول پوليس ٽيم سان گڏ ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري پوليس مقابلي جي ڪيس ۾ گهربل اشتهاري جوابدار بلاول منگي کي گرفتار ڪري ورتو جيڪو ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل گناھہ نمبر 428/2025 قلم 324 ۽ 353 ت پ ۾ پوليس کي گهربل هو
دادو ۾ پوليس پاران منشيات جي اڏي تي ڇاپو، شراب ٺرو برآمد ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو
ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن اڪبر علي چنا جي اڳواڻي ۾ پوليس پارٽي ورڪشاپ محلا واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪندي جوابدار اظهار عرف احمد ملاح کي گرفتار ڪيو جنھن وٽان 90 لٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو ويو. جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.