Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پوليس جو جابلو پٽي ۾ ڏوھارين سان مقابلو ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ھٿيار ۽ موٽرسائيڪلون ھٿ

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 21/4/2026

*دادو پوليس جو جابلو پٽي ۾ ڏوھارين سان مقابلو ھڪ ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ھٿيار ۽ موٽرسائيڪلون ھٿ*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي دادو پوليس امن وامان بحال رکڻ لاءِ متحرڪ آھي،

ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي جي حد ٽہ چوٽي جبل وٽ ايس ايڇ او ٽنڊو رحيم خان رياض حسين پنھور جي اڳواڻي ۾ ڏوھارين سان پوليس جو مقابلو ٿيو

ناڪابندي دوران چيڪنگ لاءِ بيھارڻ تي ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي

پوليس جي جوابي ڪاروائي ۾ ھڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏھن تہ ٻہ ڏوھاري موقعي تان فرار ٿي ويا

پوليس جوابدارن وٽان ٻہ موٽرسائيڪلون ۽ ھڪ پسٽل برآمد ڪيو

زخمي ڏوھاري کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو *جنھن جي سڃاڻپ خضدار بلوچستان واسي علي اڪبر پٽ رضا محمد مينگل بروھي* طور ٿي آهي

پوليس پاران ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ معلوم ڪيو پيو وڃي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.