Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: ايس ايس پي دادو پاران رٽائر ٿيندڙ سب انسپيڪٽر کي اعزاز سان الوداع ڪيو ويو

دادو: ايس ايس پي دادو پاران رٽائر ٿيندڙ سب انسپيڪٽر کي اعزاز سان الوداع ڪيو ويو

پنهنجي سروس مڪمل ڪري رٽائر ٿيندڙ سب انسپيڪٽر نياز احمد هنڱورو کي مانُ ڏيندي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(رٽائرڊ) صدام حسين خاصخيلي کيس سان پنهنجي آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي

ان موقعي تي ايس ايس پي دادو سب انسپيڪٽر نياز احمد هنڱورو جي پوليس لاءِ انجام ڏنل خدمتن کي ساراهيندي کين گلن جو گلدستو پيش ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو

ان موقعي تي سب انسپيڪٽر نياز احمد هنڱورو سان گڏ سندن فرزند پڻ موجود هو جنهن پنهنجي والد سان گڏ هن يادگار لمحي کي شيئر ڪيو

ايس ايس پي دادو کين ڀاڪر پائي عزت ۽ مانُ سان کاتي جي فرضن کان کيس رخصت ڪيو ۽ سندس روشن مستقبل، سٺي صحت ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو

ايس ايس پي دادو چيو تہ سرڪاري نوڪري مان رٽائرمينٽ هڪ باعزت ۽ قابل فخر سفر مڪمل ٿيڻ جي علامت آهي پوليس جا رٽائرڊ آفيسر ۽ اهلڪار اسان لاءِ هميشه عزت جو باعث آهن، ۽ رٽائر ٿيندڙ اهلڪارن کي عزت سان رخصت ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

واضح رهي ته نياز احمد هنڱورو 1988ع ۾ سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پنهنجي ڊگهي سروس کان پوءِ سب انسپيڪٽر جي عھدي تي ٽريفڪ پوليس دادو ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رٽائر ٿيو.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.