Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي پاران پوليس آفيسرن سان اهم گڏجاڻي
ضلع دادو پوليس
مورخہ 1/5/2025
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (رٽائرڊ) امير سعود مگسي پاران پوليس آفيسرن سان اهم گڏجاڻي
آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن جي روشني ۾ منشيات فروشن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جي سلسلي ۾ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي پاران اھم اجلاس ڪوٺايو ويو
اجلاس ۾ سمورا ايس ڊي پي اوز، ايس ايڇ اوز، چوڪين جا انچارج ۽ مددگار 15 انچارجن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه ڊي ايس پي ليگل ۽ آفيس جا هيڊ آف برانچز پڻ اجلاس ۾ موجود هئا
اجلاس دوران منشيات فروشن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف مؤثر ۽ نتيجہ خيز ڪارواين بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ايس ايس پي دادو، آئي جي سنڌ جي هدايتن موجب، اسپيشل برانچ پاران تيار ڪيل منشيات فروشن جي ڪيٽيگريز A، B ۽ C واري فهرست ۾ شامل ڏوھارين خلاف ڪاروايون تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ خاص طور تعليمي ادارن جي آس پاس منشيات فروشي جي ڪڌي ڪم ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارواين لاءِ ھدايتون جاري ڪيون.
ايس ايس پي دادو سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته انهن ڪارواين لاءِ گهربل تمام وسيلا پڻ فراهم ڪيا ويندا فيلڊ آفيسر منشيات فروشن جو گهيرو تنگ ڪري سندن خلاف نتيجہ خيز ڪاروايون عمل ۾ آڻن.
پوليس آفيسرن کي منشيات جي ڪيسن جي جاچ لاءِ تجربيڪار ۽ ماهر آفيسرن جي مقرري کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڏني وئي ته جيئن عدالتن ۾ مضبوط جاچ ۽ شاهديءَ تي ٻڌل ڪيس پيش ڪري سگهجن.
اجلاس جي آخر ۾ ايس ايس پي دادو سڀني آفيسرن کي سختي سان چيو ته ناقص ڪارڪردگي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته سٺي ڪارڪردگي تي آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي.