Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ميھڙ ۾ پوليس جون ڪاروايون ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ غيرقانوني ھٿيار ھٿ، ملوث 4 ڏوھاري به گرفتار

ميھڙ ۾ پوليس جون ڪاروايون ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ غيرقانوني ھٿيار ھٿ، ملوث 4 ڏوھاري به گرفتار*

ايس ايڇ او ميھڙ بي سيڪشن غلام حيدر چانڊيو ۽ سي آء اي انچارج بشير احمد لاکير جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي موٽرسائيڪل ڦر ۾ ملوث جوابدار منظور سوڍر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان شھري مسلم سولنگي جي ڦر ٿيل ون ٽو فاء موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي آهي ان ڏس ۾ جوابدار خلاف ميھڙ ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس گناھ نمبر 44/2025 قلم 397 تحت داخل ڪيل آھي. جڏھن تہ موٽرسائيڪل مالڪ دادرسي ڪرڻ تي پوليس پارٽي جي واکاڻ ڪئي ۽ کين ھار پارائي حوصلا افزائي پڻ ڪئي.

ٻئي پاسي

ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او محسن علي جمالي جي اڳواڻي ۾ ميھڙ پوليس ڪاروائي ڪندي ڊيوٽي اٽڪاء جي ڪيس ۾ گھربل ٽن جوابدارن کي غيرقانوني ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آھي

گرفتار جوابدارن ۾ علي بخش ساکاڻي چانڊيو، رحمت الله چانڊيو ۽ حزب الله ساکاڻي چانڊيو شامل آهن جن وٽان 3 پستول برآمد ڪيا ويا جوابدارن خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.