Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

منشيات فروشن خلاف دادو پوليس جي اهم ڪاميابي، بدنام منشيات فروشن کي عدالت قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 31/5/2025

*منشيات فروشن خلاف دادو پوليس جي اهم ڪاميابي، بدنام منشيات فروشن کي عدالت قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي*

ميهڙ ۾ معزز عدالت، ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مجسٽريٽ پاران بدنام زمانہ منشيات فروش وزير ميمڻ ۽ بابر علي ميمڻ کي ميهڙ ٿاڻي جي ڪيس گناھ نمبر 126/2023 قلم 4،8 گٽڪا مين پڙي ايڪٽ ۾ *ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻہ-ٻہ سال قيد ۽ ٻہ-ٻہ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي*

ٻئي جوابدار "اي" ڪيٽيگري جا منشيات ڊيلر آهن جن خلاف منشيات فروشي جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن، سال 2023ع ۾ انهن جوابدارن وٽان 256 ڪلوگرام گٽڪا مٽيريل هٿ آيو هو ان ڪيس ۾ کين سزا ٻڌائي وئي آهي

هن ڪاميابي تي ايس ايس پي دادو پاران ڪيس جي فريادي، جاچ آفيسر ۽ پراسيڪيوشن ٽيم شاباش ڏني وئي آهي۔

ٻئي پاسي منشيات جي خاتمي لاءِ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ دادو پوليس طرفان ضلعي اندر ڀرپور مهم پڻ جاري آهي جنهن تحت سوين منشيات فروش گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ڪاروايون پڻ جاري آهن

ان حوالي سان ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جو چوڻ آهي تہ:

دادو پوليس جو مشن نہ رڳو ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ آھي پر جوابدارن کي عدالت مان مثالي سزا پڻ ڏيارڻ آھي جنھن لاء منشيات فروشن خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهندي ۽ ان ۾ ڪنھن به قسم جي گنجائش نه ڇڏي ويندي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.