Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو ۾ پوليس جي ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي منشيات جي سپلائي ناڪام بڻائيندي پوليس گٽڪا سوپارين سان ڀريل ھڪ ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي 2 جوابدار بہ گرفتار
ضلع دادو پوليس
پريس ريليز- 15/4/2026
*دادو ۾ پوليس جي ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي منشيات جي سپلائي ناڪام بڻائيندي پوليس گٽڪا سوپارين سان ڀريل ھڪ ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي 2 جوابدار بہ گرفتار*
ايس ايس پي دادو *ڪيپٽن(ر) صدام حسين خاصخيلي* جي ھدايتن تي دادو پوليس جو ضلعي ۾ منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ان ڏس ۾ رات دير سان دادو ويجھو جھلو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ٻن منشيات سپلائرز کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪري ورتيون
جھلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سائين بخش چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳجھي اطلاع تي دادو-مورو روڊ تي ڪاروائي ڪندي مورو طرف ويندڙ ھڪ ڪار ڪرولا الٽس BCL-320 کي تحويل ۾ ورتو
تحويل ۾ ورتل ڪار جي تلاشي مان *ڪار جي ڳجھن خانن ۾ رکيل نشي آور آداب گٽڪا سوپاريون برآمد ڪيون ويون جيڪي ڪل 350 پيڪٽ ھئا*
پوليس بروقت ڪار سوار ٻن ڄڻن کي بہ گرفتار ڪري ورتو جوابدارن جي سڃاڻپ *سانگھڙ واسي ميرحسن مري ۽ محمد ابراھيم مري* طور ٿي آهي
گرفتار جوابدارن سميت برآمد ڪار ۽ گٽڪا سوپاريون تحويل ۾ وٺي جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي جھلو ٿاڻي ۾ گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.