Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: ضلعي ۾ منشيات فروشن، اشتھاري ۽ روپوش ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون، مختلف ڪارواين دوران 17 جوابدار گرفتار

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 19/04/2026

*دادو: ضلعي ۾ منشيات فروشن، اشتھاري ۽ روپوش ڏوھارين خلاف ڪريڪ ڊائون، مختلف ڪارواين دوران 17 جوابدار گرفتار*

ڊي آء جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تحت دادو پوليس پاران سموري ضلعي ۾ منشيات فروشن، اشتھاري ۽ روپوش ڏوھارين سميت ٻين سماجي براين ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروايون جاري آهن

ان سلسلي ۾ ڪامياب ڪارواين دوران

جوھي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نديم علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 4 جوابدار گرفتار ڪيا، جن ۾ ايڪٽو ڪرمنل محبوب لنڊ سميت ياسين عرف مزن پهوڙ، ڇَتو خان لغاري ۽ امير بخش لنڊ شامل آهن. جوابدارن وٽان چرس، رائل ڪنگ گٽڪا سوپاريون ۽ غير قانوني هٿيار برآمد ٿيا۔

جوابدار محبوب لنڊ وٽان بغير لائسنس پسٽل ۽ گوليون هٿ آيون، جنهن خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن تہ ٻين جوابدارن وٽان 1210 گرام چرس ۽ گٽڪو سوپاريون برآمد ڪيون ويون

ٻئي پاسي ايس ايڇ او واھي پانڌي محمد يوسف ڪوري جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪندي واھي پانڌي پوليس جوابدار نور محمد رستماڻي کي گرفتار ڪري سندس وٽان زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپاريون برآمد ڪيون، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

دادو شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪارواين دوران دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اي ڪيٽيگري جي منشيات ڊيلر فاروق احمد ڀنڊ کي گرفتار ڪري سندس وٽان 1050 گرام چرس برآمد ڪئي

دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي محمد علي سولنگي ۽ منور علي ڀٽي کي گرفتار ڪيو۔ موقعي تان تاش جا پتا، 7380 روپيا روڪ جوا جي رقم ۽ شراب جون 4 بوتلون برآمد ٿيون

اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پاران ٻي ڪاروائي ۾ گٽڪا سوپاريون وڪڻندڙ جوابدار عرفان ٻگھيو کي زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪيو ويو

ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار علي اصغر پنھور کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته سي آءِ اي پوليس ڪاروائي دوران وزير علي زنئور کي زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو

ميھڙ ۽ خيرپور ناٿن شاھ ۾ پوليس ڪارواين دوران

ايس ايڇ او ٿاڻو ميھڙ بي سيڪشن محمد ابراهيم سومرو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي اي ڪيٽيگري جي منشيات فروش امجد مھيسر کي گرفتار ڪري سندس وٽان زيڊ 21 گٽڪا سوپارين جا 5 پيڪٽ برآمد ڪيا۔

ميھڙ بي سيڪشن پوليس ٻين ڪارواين دوران ٻن اشتہاري جوابدارن فدا سولنگي ۽ مظھر علي کھوسو کي بہ گرفتار ڪري ورتو جيڪي مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا۔

مددگار 15 ميھڙ جي انچارج امداد علي سيھول جي اڳواڻي ۾ 15 پوليس ڪاروائي ڪندي چوري جي ڪيس ۾ گهربل روپوش جوابدار صدام چانڊيو ۽ مجاهد ڏيپر کي گرفتار ڪيو جيڪي ٻئي جوابدار ميھڙ ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ گھربل ھئا.

ٻئي پاسي ڪي اين شاھ ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي لسٽيڊ منشيات فروش جنسار عرف جاني ٻگھيو کي گرفتار ڪري سندس وٽان 120 گرام چرس برآمد ڪئي.

سڀني گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

دادو پوليس جو عزم آهي تہ منشيات فروشن، سرگرم ڏوھارين ۽ سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروايون جاري رکي عوام کي پرامن ماحول فراهم ڪيو ويندو.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.