Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن( رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪرِيڪ ڊائون، بدنام زمانہ منشيات ڊيلر عورت سميت 6 منشيات فروش گرفتار، 6 ڪلو چرس، وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ شراب هٿ ڪيو ويو.
ضلعو دادو پوليس
تاريخ: ۲ مئي ۲۰۲۵ع
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن( رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪرِيڪ ڊائون، بدنام زمانہ منشيات ڊيلر عورت سميت 6 منشيات فروش گرفتار، 6 ڪلو چرس، وڏي مقدار ۾ گٽڪو ۽ شراب هٿ ڪيو ويو.*
دادو ۾ اي سيڪشن ۽ سي آءِ اي پوليس گڏيل ڪاروائين دوران منشيات فروش عورت بيبي فهميده چھواڻ، عاشق ڀنڊ ۽ شير محمد عرف شيرل چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو
گرفتار ٿيل منشيات فروش عورت بيبي فهميده زال نور حسين چھواڻ وٽان 2 ڪلو چرس برآمد ڪيو ويو سندس خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي گناھ نمبر 123/2025 قلم 9(i)3C ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جڏھن تہ جوابدار عورت اڳ ۾ به منشيات فروشي جي ڪيسن ۾ چالان ٿي چُڪي آهي.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد موندر ناڪي واري علائقي مان گٽڪا سوپاريون سپلاءِ ڪندڙ جوابدار شير محمد عرف شيرل ٽوٽاڻي چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن وٽان Z21 گٽڪا سوپارين جا 12 پيڪٽ هٿ آيا سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان بدنام منشيات فروش عاشق حسين ڀنڊ کي 2 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ميهڙ ويجهو فريدآباد ٿاڻي جي پوليس منشيات ڊيلر حسن ولد محمد رمضان ڇٽو کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار وٽان 2020 گرام چرس برآمد ٿيو، جوابدار خلاف فريدآباد ٿاڻي تي گناھ نمبر 19/2025 قلم 9(i)3C تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوابدار بابر ولد وزير ميمڻ کي شراب سميت گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آھي.
واهي پانڌي ٿاڻي جي پوليس ڪاروائي ڪندي جوابدار احمد بوزدار کي زيڊ ايڪھ گٽڪو سوپارين ۽ سندس استعمال هيٺ موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو آھي.