Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪاروايون آئس، چرس، شراب ۽ گٽڪا سوپارين سميت 7 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل ڪيا ويا

ضلع دادو پوليس

27 اپريل 2025

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪاروايون آئس، چرس، شراب ۽ گٽڪا سوپارين سميت 7 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل ڪيا ويا*

دادو ۾ سي آءِ اي پوليس اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ منشيات فروشن خلاف ڪامياب ڪاروايون ڪندي،

لال هندي قبرستان ويجهو آئس وڪرو ڪندڙ جوابدار رفيق پنھور کي گرفتار ڪري ورتو سندس قبضي مان آئس هٿ ڪئي وئي آھي. جڏھن تہ ٻي ڪاروائي دوران سي آءِ اي پوليس ورڪشاپ واري علائقي مان منشيات فروش رياض لغاري کي شراب سميت گرفتار ڪيو.

جوابدارن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

ميهڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مختلف ڪارواين دوران ٻن منشيات فروشن ارشد عرف ارشو چانڊيو ۽ عاشق جانوري کي گرفتار ڪري ورتو جن جي قبضي مان ھڪ ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو ۽ جوابدارن خلاف ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس منشيات فروش نثار سولنگي کي گرفتار ڪري سندس وٽان اڌ ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪيو جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

راڌڻ ٿاڻي جي حد مان پوليس ٻن گٽڪا فروش جوابدارن عبدالجبار ۽ غلام مرتضيٰ سولنگي کي زيڊ ايڪھ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدارن خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.