Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: ميھڙ، ڪي اين شاھ ۽ فريدآباد ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس جون ڪاروايون، قتل، ڦر، پوليس مقابلي ۽ غيرقانوني ھٿيار رکڻ وارن ڪيسن ۾ 6 جوابدار گرفتار، وارداتن ۾ استعمال ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون برآمد
ضلع دادو پوليس
مورخہ: 16/4/2026
*دادو: ميھڙ، ڪي اين شاھ ۽ فريدآباد ٿاڻن جي حدن ۾ پوليس جون ڪاروايون، قتل، ڦر، پوليس مقابلي ۽ غيرقانوني ھٿيار رکڻ وارن ڪيسن ۾ 6 جوابدار گرفتار، وارداتن ۾ استعمال ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون برآمد*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي دادو پوليس ڏوھن جي روڪٿام لاءِ سرگرم، ڪامياب ڪارواين جو سلسلو جاري
تفصيل موجب:
ايس ايڇ او ڪي اين شاھ اعجاز علي مسڻ جي اڳواڻي ۾ ڪي اين شاه پوليس ڪاروايون ڪندي ٻن جوابدارن کي غيرقانوني ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون، موبائل فون ۽ روڪ رقم بہ برآمد ڪئي
گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ اسلم جمالي ۽ رستم جمالي شامل آهن، جن وٽان بغير لائسنس ٻہ پسٽل هٿ ڪيا ويا، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
جڏھن ته ڪي اين شاھ پوليس 5 ڏينھن اڳ شھري مدثر ڪورائي ۽ سڪندر علي کان ڦريل ٻہ موٽرسائيڪلون، سندن موبائل فون ۽ روڪ رقم پڻ برآمد ڪري مالڪن حوالي ڪري ڇڏيا آھن.
*ٿاڻو ميھڙ بي سيڪشن:*
ميھڙ ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ ذاتي تڪرار تان قتل ٿيل ڊاڪٽر طارق ٿيٻو جي ڪيس ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي
ميھڙ بي سيڪشن پوليس جاچ دوران گرفتار جوابدار طارق ولد بهرام ٿيٻو جي نشاندهي تي واردات ۾ استعمال ٿيل ھٿيار ھڪ ريپيٽر برآمد ڪيو، جنھن جو جوابدار خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي۔
ٿاڻو ميھڙ اي سيڪشن:
ميھڙ ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ شھري الھڏنو سولنگي کان موٽرسائيڪل ڦر جي ڪيس ۾ ميھڙ اي سيڪشن پوليس جوابدار مختيار سيھول کي گرفتار ڪيو جنھن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل ريپيٽر برآمد ڪيو ويو آھي جڏھن تہ جوابدار خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
ٿاڻو فريدآباد:
ميھڙ ڀرسان فريدآباد ٿاڻي جي پوليس شاھ گودڙيو روڊ تي مقابلي بعد ٻن ايڪٽو ڏوھارين کي غيرقانوني ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو
گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ حسيب الله چانڊيو ۽ راشد چانڊيو طور ٿي آهي، جن وٽان 2 بنا لائسنس پسٽل برآمد ڪيا ويا۔ جوابدارن خلاف ڊيوٽي اٽڪاء ۽ آرمس ايڪٽ جا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔