Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي قيادت ۾ دادو پوليس جي اهم ڪاروائي، ڪجھ ڏينھن اڳ قتل ٿيل شهري جي بلائينڊ مرڊر وارو ڪيس حل، ڦر دوران قتل ۾ ملوث ٽولي کي ٽريس ڪيو ويو، جوابدار ڏوھ ۾ استعمال ڪيل هٿيار سميت گرفتار، مقتول جي ڦريل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي قيادت ۾ دادو پوليس جي اهم ڪاروائي،

*ڪجھ ڏينھن اڳ قتل ٿيل شهري جي بلائينڊ مرڊر وارو ڪيس حل، ڦر دوران قتل ۾ ملوث ٽولي کي ٽريس ڪيو ويو، جوابدار ڏوھ ۾ استعمال ڪيل هٿيار سميت گرفتار، مقتول جي ڦريل موٽرسائيڪل پڻ هٿ ڪئي وئي.*

تاريخ 17 مارچ 2025 تي دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد DM هوٽل ڀرسان شهري منٺار لغاري کي موٽر سائيڪل ڦر دوران اڻڄاتل جوابدار قتل ڪري فرار ٿي ويا هئا،

مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي گناھ نمبر 50/2025 قلم 302، 394، 337Hii تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي،

ڊي ايس پي دادو سٽي سلطان احمد چانڊيو جي سربراهيءَ ۾ ايس ايچ او بي سيڪشن مشتاق عالماني ۽ ڊجيٽل انويسٽيگيشن سيل جي انچارج تي مشتمل پوليس ٽيم پيشوراڻي مهارت ۽ سخت محنت بعد ٿوري وقت ۾ بلائينڊ مرڊر ڪيس حل ڪري ورتو

واقعي واري هنڌ مان حاصل ٿيل ڊيٽابيس معلومات ۽ مختلف ذريعن وسيلي حاصل ڪيل ڄاڻ جي آڌار تي پوليس کي ٽن جوابدارن تي مشتمل ٽولي جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا

ان ڏس ۾ پوليس ٽيمون جوڙي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، جنهن دوران گينگ جي اهم ميمبر کي گرفتار ڪيو ويو

گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ خالد ولد نظر محمد عرف نظرو لُنڊ طور ٿي، جنهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ڇڏيو آهي

پوليس جاچ دوران جوابدار جي نشاندهي تي مقتول جي ڦريل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار کان واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل پڻ برآمد ڪيو ويو آهي

جوابدار جو چوري، ڦر ۽ پوليس مقابلن سميت ٻين ڏوھن ۾ ملوث ھجڻ جو 18 ڪيسن تي مشتمل اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ به سامھون آيو آهي

ٻئي طرف گينگ ۾ شامل ٻين جوابدارن جي به سڃاڻپ ٿي چڪي آھي جن جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.