Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس جون چورن خلاف ڪامياب ڪاروایون، دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪندڙ ٻہ گينگ بي نقاب، لکين روپين جو چوري ٿيل سامان هٿ
ضلع دادو پوليس
تاريخ: 17/12/2025
*دادو پوليس جون چورن خلاف ڪامياب ڪاروایون، دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون ڪندڙ ٻہ گينگ بي نقاب، لکين روپين جو چوري ٿيل سامان هٿ*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي هدايتن تي دادو پوليس شهر ۾ ٿيندڙ چورين خلاف مؤثر ڪاروائي ڪندي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي
گذريل ڏينهن دادو اي سيڪشن ٿاڻي جو چارج سنڀاليندڙ ايس ايڇ او قربان علي قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن پوليس چورن خلاف ڀرپور ڪريڪ ڊائون ڪيو
ڇاپا مار ڪارواين دوران پوليس چوري جي وارداتن ۾ ملوث ٽي جوابدار گرفتار ڪري ورتا
گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عدل عرف تابش ٻٻر، اياز ولد علي نواز ملاح ۽ ثمير ولد نظير ٻگھيو جي نالن سان ٿي آهي
گرفتار جوابدار عدل عرف تابش ٻٻر ۽ اياز ملاح ڏھ ڏينهن اڳ اسٽيشن روڊ تي واپاري اياز ٻگھيو جي جوتن جي دوڪان تان ٿيل چوري واري واردات ۾ ملوث هئا،
جڏهن ته جوابدار ثمير ٻگھيو ليڊي ڊاڪٽر فهميده جمالي جي جيجل ماءُ اسپتال مان ٿيل چوري ۾ شامل هو
پوليس گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي دڪانن مان چوري ڪيل لکين روپين جو سامان هٿ ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ جوتا، دوائون ۽ ٻيون شيون شامل آهن
متاثر واپارين جي فرياد تي دادو اي سيڪشن ٿاڻي ۾ ٻہ الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن تہ گينگ جي ٻين ميمبرن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا پڻ هنيا پيا وڃن.
شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۽ ڏوهن جي مڪمل خاتمي تائين اهڙن عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروايون جاري رکڻ دادو پوليس جو عزم آهي.