Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون مختلف ھنڌن تي ڪاروايون 12 ڏوھاري گرفتار، چوري/ڦرٿيل 3 موٽرسائيڪلون، ھڪ موبائل فون، غيرقانوني ھٿيار ۽ گٽڪا سوپاريون ھٿ

ضلع دادو پوليس

مورخہ، ۵/۱/۲۰۲۵

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون مختلف ھنڌن تي ڪاروايون 12 ڏوھاري گرفتار، چوري/ڦرٿيل 3 موٽرسائيڪلون، ھڪ موبائل فون، غيرقانوني ھٿيار ۽ گٽڪا سوپاريون ھٿ*

تفصيل موجب:

میھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او اڪبر علي چنا جي اڳواڻي ۾ ميھڙ پوليس ڪاروائي ڪندي ھڪ جوابدار کي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ بنا لائسنس ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو،

گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ قادر بخش ولد رسول بخش سوڍر جي نالي سان ٿي آھي جنھن جي قبضي مان ھڪ بندوق سميت ٿرڙي محبت ٿاڻي جي گناھ نمبر 1/2025 قلم 397، 215 ۾ ڦر ڪيل سي ڊي 70 موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي آهي. جوابدار خلاف ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ھٿيار ھٿ اچڻ جا ميھڙ ٿاڻي تي الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو بمعہ سپاھ ڪاروايون ڪندي ڦر ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ ملوث ٻن جوابدارن عبدالرزاق کوسو ۽ ظفر کوسو کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار عبدالرزاق کوسو جي قبضي مان وارداتن ۾ استعمال پستول بہ برآمد ڪيو ويو آهي جڏھن تہ شھري پرويز جويو جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ماجد چانڊيو جي موبائل فون پڻ ھٿ ڪري مالڪن حوالي ڪيون ويون آهن.

ميھڙ بي سيڪشن پوليس ھڪ وڌيڪ ڪاروائي ۾ ڦر ۽ قتل جي ڪيس ۾ گرفتار جاچ ھيٺ جوابدارن واجد چانڊيو ۽ دلبر چانڊيو وارن جي نشاندھي تي ڏوھ ۾ استعمال ڪيل 2 پستول پڻ برآمد ڪري ورتا آھن جنھن جا جوابدارن خلاف اسلحہ ايڪٽ تحت الڳ ڪيس به داخل ڪيا ويا آھن

سي آء اي ميھڙ انچارج بشير احمد لاکير جي اڳواڻي ۾ سي آء اي پوليس درگاھ سيدي موساڻي لڳ جوا ھلڻ جي اطلاع تي ڇاپو ھڻي ٻن جوارين کي گرفتار ڪري ورتو ڪاروائي ۾ جوا جي رقم ۽ لوڊو گيم برآمد گرفتار جوارين ۾ جوابدار اقرار کوکر ۽ نظام سولنگي شامل آھن. جوابدارن خلاف جوا ايڪٽ تحت نئون ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ھڪ ٻي ڪاروائي ۾ سي آء اي ميھڙ ايٽ ڪي اين شاھ انچارج بشير احمد لاکير پوليس ٽيم سان گڏ ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي روپوش جوابدار عاشق علي لاکير کي گرفتار ڪري ورتو آھي جوابدار ميھڙ ٿاڻي جي گناھ نمبر 346/2024 قلم 506/2 ۾ گھربل ھيو.

خيرپور ناٿن شاھ ۾ بہ سي آء آء پوليس ۽ ايس ايڇ او ڪي اين شاھ سيف الله ٻگهيو جي گڏيل ڪاروائي ڪجھ ڏينھن اڳ ڦر جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن صابر عرف نادر جانوري ۽ شھزادو عرف ٽيٽو جي نشاندھي تي شھري علاول الدين لغاري جي ڦر ٿيل CD-70 موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي آهي. موٽرسائيڪل مالڪ طرفان پوليس ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي پوليس ٽيم کي ھار پارائي حوصلا افزائي ڪئي وئي

ايس ايڇ او جوھي محسن علي جمالي جي اڳواڻي ۾ جوھي پوليس جون مختلف ھنڌن تي ڪاروايون 3 جوابدار اسلحي ۽ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار. گرفتار جوابدارن ۾ اياز باھوٽو، ڪوڙو پنھور ۽ واجد باھوٽو شامل آهن جن جي قبضي منجھان ھڪ پستول ۽ 4 پاڪيٽ گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪيون ويون جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

دادو ۾ مددگار 15 انچارج شفيق احمد لنڊ جي پوليس پارٽي سان گڏ چيڪنگ دوران ڪاروائي روپوش جوابدار نعمان شيخ کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي گناھ نمبر 324/2024 قلم 147، 148، 149، 337Hii ۾ گھربل ھيو


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.