Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پوليس جي ڪاروائي، گٽڪا سوپارين جي سپلاءِ ناڪام بڻائيندي، وڏي مقدار ۾ گٽڪا سوپاريون ھٿ

مورخہ: 5/11/2025

*دادو پوليس جي ڪاروائي، گٽڪا سوپارين جي سپلاءِ ناڪام بڻائيندي، وڏي مقدار ۾ گٽڪا سوپاريون ھٿ*

رات دير سان دادو شهر ڀرسان درگاه ملڪاڻي شريف ويندڙ لنڪ روڊ تي گٽڪا سوپارين جي منتقلي بابت مليل خفيہ اطلاع تي ايس ايڇ او دادو اي سيڪشن نور مصطفيٰ پٺاڻ پوليس پارٽي سان گڏ ڪاروائي ڪئي

ڄاڻايل جاءِ تي پوليس پارٽي جي پهچڻ تي جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا جڏھن تہ پوليس واقعي واري هنڌ تان هڪ لوڊر رڪشا ۽ Z-21 گٽڪا سوپارين جا 67 ٻورا هٿ ڪري ورتا جن جي قيمت لکين روپيا ٻڌائي پئي وڃي

بروقت اي سيڪشن پوليس هٿ آيل گٽڪا سوپاريون ۽ رڪشا تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري، موقعي تان فرار ٿي ويل مختيار گوپانگ نالي جوابدار سميت اڻڄاتل جوابدارن خلاف گناھ نمبر 324/2025 قلم 4، 8، 9 گٽڪا مين پڙي ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.