Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: ميھڙ ۾ شاگردياڻي سان حراساني وارو واقعو، ڪيس داخل، مک جوابدار گرفتار
ضلع دادو پوليس
پريس ريليز. 18/4/2026
*دادو: ميھڙ ۾ شاگردياڻي سان حراساني وارو واقعو، ڪيس داخل، مک جوابدار گرفتار*
ميھڙ ۾ فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي شبانہ چانڊيو سان پيش آيل حراساني واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وئي آهي
واقعي جو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي بروقت نوٽيس ورتو ۽ حد جي پوليس کي فوري قانوني ڪاروائي عمل ۾ آڻڻ سميت شفاف جاچ ڪري انصاف فراھم ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون
پوليس پاران ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي تي متاثره نياڻي جي والد جي فرياد تي گناھ نمبر 146/2026 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
جڏھن تہ ايس ايڇ او ميھڙ بي سيڪشن مھتاب کھاوڙ جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي *ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار غلام فريد ولد دائم کوسو* کي گرفتار ڪري ورتو آهي
پوليس پاران واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، شفاف ۽ اڻ ڌري جاچ کي يقيني بڻائيندي متاثرہ ڌر کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.
ان حوالي سان *ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي* چيو آهي تہ، نياڻين سان حراساني، ناجائز حرڪتن يا انساني حقن جي ڪنهن به قسم جي لتاڙ کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف فوري ۽ سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.