Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس جون مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪاروايون، قتل ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار، غيرقانوني هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ
دادو پوليس جون مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪاروايون، قتل ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث 4 جوابدار گرفتار، غيرقانوني هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ*
*1) ٿاڻو نئون ڳوٺ پوليس جي ڪاروائي*:
درگاھ سيدي موساڻي ويجهو ايس ايڇ او نئون ڳوٺ لياقت علي گوپانگ بمعہ سپاھ ٽيڪنيڪل انفارميشن تي ڇاپو هڻي خون ۽ پوليس مقابلي جي ڪيسن ۾ ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ مان روپوش ٿي ويل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
گرفتار جوابدار جي نصرالله ولد حسين بخش مگسي طور سڃاڻپ ٿي، جيڪو قمبر-شھدادڪوٽ ۾ بھرام ۽ اے سيڪشن شھدادڪوٽ ٿاڻن ۾ داخل قتل ۽ پوليس مقابلي جي ٻن ڪيسن ۾ گهربل هو.
*2) جھلو پوليس جي ڪاروائي:*
دادو ويجهو جھلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سڪندر علي ھنڱورو جي اڳواڻي ۾ پوليس گشت دوران ڪاروائي ڪندي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان مقابلو ڪري ٻن جوابدارن کي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو جوابدارن جي سڃاڻپ ساوڻ لُنڊ ۽ ھمت لُنڊ طور ٿي آھي جن وٽان پستول ھٿ ڪيا ويا، جوابدارن خلاف ڊيوٽي اٽڪاء ۽ اسلحہ ايڪٽ جا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
*3) سيتا روڊ پوليس جي ڪارروائي:*
ايس ايڇ او سيتا روڊ دلي جان مگسي پوليس ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي ھڪ ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي ضروري قانوني ڪاروائي بعد موٽرسائيڪل اصل مالڪ پير بخش چانڊيو جي حوالي ڪئي وئي آھي.
*4) ڪي اين شاھ پوليس جي ڪارروائي*:
خيرپور ناٿن شاھ پوليس گٽڪا سوپاريون وڪرو ڪندڙ جوابدار آفتاب جمالي کي گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪري ورتو، جوابدار خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.