Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪامياب ڇاپا مار ڪاروايون وڌيڪ 9 منشيات فروش گرفتار، چرس ۽ گٽڪا سوپاريون ھٿ
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 6/4/2026
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري، مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪامياب ڇاپا مار ڪاروايون وڌيڪ 9 منشيات فروش گرفتار، چرس ۽ گٽڪا سوپاريون ھٿ*
ڪامياب ڪارواين ۾:
جوھي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نديم علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ جوھي پوليس ڇاپا ھڻي گٽڪا سوپاريون وڪڻندڙ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپارين جا 15 پيڪٽ برآمد ڪيا ويا
گرفتار جوابدارن ۾ رياض ملاح، چاپا خان لغاري، محمد علي رند، اسرار سرھيو، مور لغاري ۽ جوابدار دين محمد ملاح شامل آهن جن خلاف جوھي ٿاڻي تي گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
دادو ڀرسان خداآباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ھڪ ڪلو کان مٿي چرس سميت ھڪ منشيات سپلائر کي گرفتار ڪري ورتو
ايس ايڇ او خداآباد غلام مصطفيٰ ڀٽي جي اڳواڻي ۾ پوليس ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪري جوابدار اڪبر پنھور کي گرفتار ڪيو جنھن وٽان 1100 گرام چرس هٿ ڪيو ويو، جوابدار خلاف ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
خيرپورناٿن شاھ ۾ بہ پوليس چرس سميت ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
ايس ايڇ او ڪي اين شاھ اعجاز علي مسڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي منشيات فروش سيد عرفان عباس شاه کي گرفتار ڪري سندس قبضي منجھان چرس برآمد ڪيو ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي شروع ڪئي وئي آهي.
دادو ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن اڪبر علي چنا جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪري جوابدار غلام محمد لنڊ کي 4 پاڪيٽ زيڊ ايڪيھ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.