Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي صدارت هيٺ اجلاس، امن امان ۽ ڪرائيم ڪنٽرول بابت اهم هدايتون جاري ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ضلعي دادو جو چارج سنڀالڻ کان پوءِ آفيسرن جو تعارفي اجلاس طلب ڪيو

ضلع دادو پوليس

پريس ريليز۔ 28/3/2026

دادو: ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي صدارت هيٺ اجلاس، امن امان ۽ ڪرائيم ڪنٽرول بابت اهم هدايتون جاري

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي ضلعي دادو جو چارج سنڀالڻ کان پوءِ آفيسرن جو تعارفي اجلاس طلب ڪيو

اجلاس ۾ سمورا ايس ڊي پي اوز، ڊي ايس پي ليگل، ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل، ڊي ايس پي انويسٽيگيشن، سمورا ايس ايڇ اوز، سي آءِ اي انچارج، آر آءِ پوليس لائين، سمورا چوڪي انچارج ۽ آفيس جي هيڊ آف برانچز شرڪت ڪئي

تعارف کان پوءِ، ايس ايس پي دادو طرفان ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال، ڪرائيم ڪنٽرول ۽ پوليس ڪارڪردگي بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو

اجلاس کي مخاطب ٿيندي ايس ايس پي دادو آفيسرن کي واضع هدايتون جاري ڪيون تہ ڪرائيم فائٽنگ ۽ امن امان برقرار رکڻ پهرين ترجيح آهي

هن چيو ته منشيات ۽ جوا سميت هر قسم جي آرگنائيزڊ ڪرائيم خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي هوندي ۽ بنا ڪنهن فرق جي ڪاروايون ڪيون وڃن

هن وڌيڪ هدايت ڪئي تہ پوليس جو ايڪشن عملي طور نظر اچڻ گهرجي تہ جيئن ڏوهارين ۾ خوف ۽ عوام ۾ تحفظ جو احساس پيدا ٿئي

ايس ايس پي دادو زور ڏنو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ پوليس جي بنيادي ذميواري آهي، تنهنڪري درخواستگذارن ۽ سائلين کي چڱي ريت ٻڌو وڃي ۽ انهن جا جائز مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن تہ جيئن پوليس تي عوام جو اعتماد بحال ٿئي

هن چيو تہ ڪنهن به ڏوهہ جي صورت ۾ پوليس جو فوري ريسپانس هجي ۽ مؤثر حڪمت عملي سان ڏوھ جي ڊٽيڪشن يقيني بڻائي وڃي

جڏهن ته اشتهاري توڙي روپوش جوابدارن ۽ ايڪٽو ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ بہ ڪارواين کي تيز ڪيو وڃي

ايس ايس پي دادو جو وڌيڪ چوڻ هو تہ تعلقو ميھڙ ضلعي هيڊڪوارٽر کان پري ھجڻ سبب ميھڙ جي عوام کي بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سندن پاران هفتي ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا ميهڙ ڪيمپ آفيس ۾ ويهي سڌي ريت عوام جا مسئلا موقع تي حل ڪرڻ ترجيحات ۾ شامل آھن.

اجلاس ۾ ضلعي ۾ 30 مارچ تي هڪ هاءِ پروفائل مرڊر ڪيس جي فيصلاڪن ٻڌڻي جي حوالي سان سيڪيورٽي انتظامن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

ايس ايس پي دادو سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي تہ سيڪيورٽي پلان تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نہ ڪئي ويندي

ايس ايس پي دادو صدام حسين خاصخيلي وڌيڪ عزم ظاھر ڪندي چيو ته ضلعي ۾ امن امان جي قيام، ڏوهن جي خاتمي ۽ عوامي خدمت جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو۔


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.