Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون *مختلف ٿاڻن جي حدن مان 6 جوابدار گرفتار، چوري ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون، روڪ رقم، سولر پينل، ھٿيار ۽ منشيات برآمد

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون

*مختلف ٿاڻن جي حدن مان 6 جوابدار گرفتار، چوري ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون، روڪ رقم، سولر پينل، ھٿيار ۽ منشيات برآمد*

تفصيل موجب:

دادو ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ اسٽيشن روڊ تي دوڪاندار پرويز سرھيو جي ھارن جي دوڪان مان ٿيل چوري اي سيڪشن پوليس برآمد ڪري ورتي آهي، برآمد ٿيل ھزارين روپين جا ھار ۽ روڪ رقم مالڪ حوالي ڪيا ويا آھن. جڏھن تہ وڌيڪ ڪاروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.

ٻئي پاسي دوڪاندارن واپارين پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ايس ايڇ او اي سيڪشن اعجاز مسڻ کي ھار پارائي حوصلا افزائي پڻ ڪئي.

دادو بي سيڪشن پوليس جون ايس ايڇ او قربان علي قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪاروائيون

ايڪٽيو ڏوھاري شاھزيب عرف ڪارو شاھ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پستول ۽ گوليون ھٿ ڪيون ويون آهن،

دادو بي سيڪشن پوليس ڪجھ ڏينھن اڳ واپاري مصري زنئور جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل به برآمد ڪري ورتي برآمد ڪيل موٽرسائيڪل مالڪ جي حوالي ڪئي وئي آهي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.