Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس ڏوھارين خلاف متحرڪ..چوري جي واردات ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ ھٿ چورن جو ٽولو سڳُ سوڌو گرفتار
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 5/10/2025
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(رٽائرڊ) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس ڏوھارين خلاف متحرڪ..چوري جي واردات ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ ھٿ چورن جو ٽولو سڳُ سوڌو گرفتار*
گزريل رات فريدآباد ٿاڻي جي حد ۾ شھري شفيق احمد بروھي جي ميڊيڪل اسٽور جو شٽر ٽوڙي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو ويو ھيو،
ان ڏس ۾ ايس ايڇ او فريدآباد انسپيڪٽر منور علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ فريدآباد پوليس مؤثر ۽ ڦڙتيلي ڪاروائي ڪندي چوري ۾ ملوث ڏوھارين جو ڪجھ ئي ڪلاڪن اندر پتو لڳائي ورتو،
فريدآباد پوليس وڌيڪ ڪاروائي ڪري ٻن جوابدارن حنيف گائينچو ۽ راشد گائينچو کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ جوابدارن وٽان چوري ٿيل 35 ھزار روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو آهي
جڏھن ته وڌيڪ ضابطي جي ڪاروائي ۽ جاچ عمل ۾ آندي پئي وڃي