Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: ميھڙ ڀرسان پوليس جي زبردست ڪاروائي، 4 ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت بدنام ڏوھاري گرفتار

ضلع دادو پوليس

مورخہ: 11/4/2026

دادو: ميھڙ ڀرسان پوليس جي زبردست ڪاروائي، 4 ڪلو کان وڌيڪ چرس سميت بدنام ڏوھاري گرفتار

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪارواين جو سلسلو جاري آھي

ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او راڌڻ انسپيڪٽر غلام حيدر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ راڌڻ پوليس ھڪ اھم ۽ ڪامياب ڪاروائي ڪئي

راڌڻ پوليس ڪيترن ئي ڏوھن ۾ ملوث ايڪٽو ڏوھاري فريد لغاري کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو، جنھن جي قبضي مان 4010 گرام چرس برآمد ڪيو ويو آهي

گرفتار جوابدار عادي ڏوھاري آھي جيڪو مختلف سنگين ڏوھن ۾ ملوث رھيو آھي جنھن خلاف قتل، ڦر، غيرقانوني ھٿيار رکڻ ۽ پوليس مقابلن توڙي ٻين ڏوھن جا 14 ڪيس اڳ داخل ھئا

جوابدار خلاف راڌڻ ٿاڻي ۾ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي

ٻئي پاسي ڪامياب ڪاروائي تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي پاران پوليس ٽيم کي شاباس ڏيندي ڪارواين کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.