Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون جاري، پورھيت جو ڦر ٿيل لوڊر رڪشا پوليس برآمد ڪري ورتو ھڪ ڦورو بہ گرفتار
ضلع دادو پوليس*
مورخہ، 19/1/2025
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو پوليس جون ڪاروايون جاري، پورھيت جو ڦر ٿيل لوڊر رڪشا پوليس برآمد ڪري ورتو ھڪ ڦورو بہ گرفتار*
گذريل ڏينھن ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ مختلف ڏوھن ۾ گھربل اشتھاري ڏوھاري فياض عرف ڍِلو ملاح کي ھٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو ھو
گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ڦر ٿيل لوڊ رڪشا ھٿ ڪيو ويو آهي
ايس ايڇ او ڪَڪَڙ سائين بخش چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ڪَڪَڙ ڀرسان ڪاروائي ڪري پورھيت لقمان سولنگي جو ڦر ٿيل لوڊر رڪشا برآمد ڪري ورتو آهي برآمد ڪيل رڪشا ڪجھ ڏينھن اڳ ٿرڙي جادو شھيد روڊ تي پورھيت لقمان سولنگي کان ڦر ڪيو ويو ھيو.