Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي ميھڙ ڪئمپ آفيس پهتو جتي شهرين سان ملاقاتون ۽ پوليس آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪيون، برآمد ڪيل چوري جا موبائيل فون اصل مالڪن حوالي ڪيا جڏهن ته سموري شھر جو گشت پڻ ڪيو

ڊسٽرڪٽ دادو پوليس*

تاريخ، 14/11/2024

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي ميھڙ ڪئمپ آفيس پهتو جتي شهرين سان ملاقاتون ۽ پوليس آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪيون، برآمد ڪيل چوري جا موبائيل فون اصل مالڪن حوالي ڪيا جڏهن ته سموري شھر جو گشت پڻ ڪيو*

ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي ضلعي جي ٻئين وڏي شهر ميهڙ ۾ ڪئمپ آفيس قائم ڪري سڄو ڏينهن ميهڙ ۾ گذاريو

ميهڙ ۾ ايس ايس پي دادو پوليس نفري ساڻ سڄي شهر جو گشت ڪيو ۽ شهر ۾ پوليس پڪٽن سميت داخلي رستن تي قائم چيڪنگ پوائنٽن جو بہ معائنو ڪيو

ايس ايس پي دادو ڪيمپ آفيس ۾ امن امان جي حوالي سان پوليس آفيسرن سان گڏجاڻي پڻ ڪئي جنهن ۾ ميهڙ ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي اڪبر چنا، سي آءِ اي انچارج بشير احمد لاکير، گلشن علي مهر، مددگار 15 انچارج فقير محمد برهماڻي، ميھڙ ٿاڻي جي وڏن منشين، انچارج ڊي آئي بي ميھڙ بيٽ، انچارج آئي ٽي سيڪشن، انچارج ڊجيٽل انويسٽيگيشن سيل ۽ CRO انچارج موجود هئا

ايس ايس پي دادو ميهڙ ۾ امن امان بابت پوليس پاران کنيل قدمن سميت ميھڙ جي اهم سنگين ڪيسن ۾ پيش رفت جو جائزو ورتو ۽ ان حوالي سان پوليس آفيسرن کي ٽيم ورڪ تحت مؤثر حڪمت سان پوليسنگ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون

ايس ايس پي دادو پوليس آفيسرن کي ڏوھاري سرگرمين، جوا، منشيات ۽ ٻين سماجي براين ۾ ملوث گروهن ۽ ايڪٽو ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا

ايس ايس پي دادو ميهڙ ڪئمپ آفيس ۾ مختلف مسئلا کڻي آيل شهرين سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن جي مسئلن جي حل ۽ دادرسي لاءِ بروقت لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا

ايس ايس پي دادو ميهڙ ڪيمپ آفيس ۾ شهرين ممتاز ببر، شڪيل احمد شيخ ۽ صداقت علي لغاري کي پوليس پاران برآمد ڪيل سندن جا موبائل فون پڻ حوالي ڪيا جنهن تي شهرين خوشي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي دادو کي ھار پڻ پارايا

ميهڙ ڪيمپ آفيس ۾ ايس ايس پي دادو ميڊيا جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ کين ميهڙ ۾ امن امان جي قائم رکڻ لاءِ پوليس پاران کنيل قدمن بابت بريف ڪيو ۽ چيو ته ميهڙ ۾ امن امان کي وڌيڪ مستحڪم رکڻ لاءِ پوليس نفری ۾ به واڌارو ڪيو ويو آهي، ميھڙ جي داخلي رستن تي 24 ڪلاڪ موجود رھندڙ چيڪنگ پوائنٽون قائم ڪري آن لائن ڊيجيٽل ڊيوائسز ذريعي ماڻھن جي چيڪنگ شروع ڪئي وئي آهي، شھر ۾ ڏينھن توڙي رات موٽرسائيڪل گشت جاري رکڻ لاءِ مددگار 15 ايگل ٽيمن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي دادو وڌيڪ ٻڌايو تہ پوليس پاران ايڪٽو ڏوھارين ۽ سنگين ڏوھن ۾ ملوث گروھن خلاف ٽارگيٽيڊ ڪاروايون به جاري آھن ان کان علاوہ پوليس ٽيمن کي شهر ۾ منشيات، جوا ۽ ٻين منظم ڏوهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي

ايس ايس پي دادو وڌيڪ چيو ته ميهڙ ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪئي آهي هفتي جا ٻہ ڏينهن ميهڙ ڪئمپ آفيس ۾ حاضر رھي شهرين جي خدمت جا فرض سرانجام ڏنا ويندا.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.