Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

Dadu: The murder case of young Nadeem Brohi in KN Shah!! The incident turned out to be a personal grudge, the police arrested the accused.

دادو پوليس- 20/8/2024

*دادو: ڪي اين شاھ ۾ نوجوان نديم بروھي جي قتل وارو معاملو!! واقعو ذاتي رنجش نڪتو، پوليس مک جوابدارن کي به گرفتار ڪري ورتو،*

ميڊيا تي ڪي اين شاھ واسي نوجوان نديم بروھي جي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيڻ بابت گردش ڪندڙ خبرن جو ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) امير سعود مگسي فوري نوٽيس وٺندي ڪاروائي ۽ جاچ جا حڪم جاري ڪيا

ان حوالي سان ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڪي اين شاھ واقعي واري ھنڌ پھچي حقيقتون معلوم ڪيون ۽ مقتول جي وارثن سان ملي سندن کا واقعي جا تفصيل ورتا

شروعاتي جاچ موجب مقتول نوجوان کي پنھنجي دوستن ئي سازش سٽَي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ڪي اين شاھ لڳ راوت لغاري ڳوٺ ويجهو فائرنگ ڪري کيس کي قتل ڪيو

واقعي جي حوالي سان مقتول جي والد شھمير بروھي ڄاڻايل مٿين حقيقت تحت ڪي اين شاھ ٿاڻي تي گناھ نمبر 174/2024 قلم 302، 120B، 504 ،34 ت-پ موجب نامزد جوابدارن فراز کوسو، علي گل کوسو ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي

پوليس اھم اڳڀرائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد ٻن مک جوابدارن فراز ولد خداد کوسو ۽ علي گل کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن تہ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي

*ميڊيا ۾ نوجوان جي فوتگي بابت غير تصديق شده ۽ غلط خبرون ھلڻ جو پڻ ايس ايس پي دادو پاران نوٽيس وٺندي ڪاروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آھن*

ذاتي معاملي کي ڦر جو رنگ ڏئي ميڊيا ذريعي عوام ۾ پوليس جو منفي تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ان ڏس ۾ ايس ايس پي دادو پاران اھڙن عنصرن کي وائکو ڪري سندن خلاف ايف آء آر داخل ڪرڻ جون حد جي پوليس کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ياد رھي ته!

ڪيس ۾ نامزد جوابدار علي گل کوسو پاڻ واقعي ۾ مبينه ملوث ھجڻ جي باوجود بہ نوجوان جي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيڻ جون ڪوڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيون ھيون.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.