Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي پوليس ڪاروائيون جاري، چوري ۽ ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون برآمد ڪري مالڪن حوالي ڪيون ويون 2 جوابدار بہ گرفتار
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي ھدايتن تي پوليس ڪاروائيون جاري، چوري ۽ ڦر ٿيل 2 موٽرسائيڪلون برآمد ڪري مالڪن حوالي ڪيون ويون 2 جوابدار بہ گرفتار*
ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاھ سيف اللہ ٻگھيو جي اڳواڻي ۾ خيرپور ناٿن شاھ پوليس ڪاروائي ڪندي موٽرسائيڪل چوري ۾ ملوث ھڪ جوابدار اياز ڪُٻر کي گرفتار ڪري ورتو
جوابدار جي قبضي مان ڪجھ ڏينھن اڳ شھري سعيد مڱڻھار جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل بہ برآمد ڪئي وئي آهي جڏھن تہ موٽرسائيڪل مالڪ جي فرياد تي ڪي اين شاھ ٿاڻي ۾ موٽرسائيڪل چوري جو ڪيس پڻ داخل ڪيل آھي
ڪچي واري علائقي ۾ ڪيٽي جتوئي ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد دائود ملڪ پوليس ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي ھٿ ڪيل موٽرسائيڪل تصديق بعد اصل مالڪ مجاھد جوکيو جي حوالي ڪئي وئي آهي.
ميھڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس گٽڪا فروش جوابدار عرفان کوسو کي گرفتار ڪري ورتو جنھن جي قبضي مان نشہ آور آداب گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪيون ويون آهن جوابدار خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.