Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

ایس ایس دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڪاروايون ڪندي مختلف ٿاڻن جي حدن مان پوليس 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ضلع دادو پوليس*

27 جنوري 2025ء

*دادو پولیس جون ڪاروايون پاٿاريدار، منشيات فروش، ايڪٽيو ۽ اشتھاري ڏوھاري گرفتار*

*ایس ایس دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي ڪاروايون ڪندي مختلف ٿاڻن جي حدن مان پوليس 13 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي*

تفصيل موجب:

• ايس ايڇ او خيرپور ناٿن شاھ سيف الله ٻگھيو بمعہ سپاھ ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي اشتھاري ڏوھاري حنيف عرف حنو کوسو کي گرفتار ورتو جوابدار خلاف مختلف ڏوھن جا ڪيس پڻ داخل ٿيل آھن جڏھن تہ ميھڙ ٿاڻي جي گناھ نمبر 107/2024 قلم 324، 353 ۾ پوليس کي گھربل ھئو.

• خيرپور ناٿن شاھ پوليس وڌيڪ ڪارواين دوران 2 منشيات فروشن بابر چانڊيو ۽ ڪليم اللہ چانڊيو کي به گرفتار ڪري ورتو جن وٽان چرس ۽ گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪيون ويون، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.

• ايس ايڇ او ڪڪڙ سائين بخش چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪَڪَڙ پوليس ڪارروائي ڪندي خون جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار کي پناھ ڏيندڙ ٻن پاٿاريدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن ۾ خان محمد بوزدار ۽ تاج محمد بوزدار شامل آهن. جوابدارن خلاف ڪڪڙ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جانچ شروع ڪئي وئي آهي.

• ايس ايڇ او ٿاڻو جھلو انسپيڪٽر طارق کھرو بمعہ سپاھ مخفي اطلاع تي ڪاروائي ڪري پوليس مقابلن ۽ ٻين ڪيسن ۾ گھربل اشتھاري جوابدار زاھد عرف طيب چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آھي سندس خلاف وڌيڪ ضابطي جي ڪاروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.

• ايس ايڇ او ٿاڻو راڌڻ خليل احمد مسڻ جي اڳواڻيءَ ۾ راڌڻ پوليس جا منشيات فروشن خلاف مختلف ھنڌن تي ڇاپا 2 جوابدار چرس ۽ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪري ورتا گرفتار جوابدارن ۾ شھزادو جانوري ۽ نصير سولنگي شامل آهن جن خلاف جدا جدا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

• ايس ايڇ او خداآباد نورحسين ڇڇر جي اڳواڻيءَ ۾ خداآباد پوليس جون ڪاروايون ايڪٽو ڏوھاري صاحب خان لنڊ بغير لائسنس پستول سميت گرفتار جڏھن تہ گٽگا فروش جوابدار شمس الدين چانڊيو کي زيڊ ايڪھ گٽڪا سوپارين سميت گرفتار ڪيو ويو. جوابدارن خلاف اسلحہ ۽ گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

• ميھڙ ۾ اي ۽ بي سيڪشن پوليس جون ڪاروايون منشيات فروش ضمير چانڊيو ۽ گٽڪا سوپاريون کپائيندڙ جوابدار بابر ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي قبضي مان چرس ۽ پابندي پيل آداب گٽڪا سوپاريون ھٿ ڪيون ويون سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

• ٿرڙي محبت ٿاڻي جي ايس ايڇ او اقبال احمد ڪانڌڙو جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ڪاروائي ڪندي منشيات فروش جوابدار انصاف جھتيال کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار خلاف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.