Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

منشيات فروشن خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري، وڌيڪ 6 منشيات فروش گرفتار، ڪيس داخل

*ضلع دادو پوليس*

تاريخ: 2025-5-5

*منشيات فروشن خلاف دادو پوليس جون ڪاروايون جاري، وڌيڪ 6 منشيات فروش گرفتار، ڪيس داخل*

*1) ٿاڻو رُڪڻ:*

ايس ايڇ او رڪڻ طارق حسين لاکير جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس پيارو ڳوٺ ڀرسان ڪاروائي ڪندي *منشيات فروش شهباز عرف گوچو چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو*

جوابدار وٽان 1100 گرام چرس برآمد ڪيو ويو ۽ سندس خلاف ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏھن تہ جوابدار رڪڻ جي ڪيس گناھ نمبر 50/2024 ۾ پڻ روپوش هيو.

*2) ٿاڻو ميهڙ اي سيڪشن:*

ايس ايڇ او ميھڙ اي سيڪشن سيد علي اصغر شاھ پوليس پارٽي سان گڏ ڪاروائي ڪندي منشيات فروش صدام چانڊيو کي چرس سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

*3) ٿاڻو ميهڙ بي سيڪشن:*

ايس ايڇ او غلام اصغر تنيو جي اڳواڻيءَ ۾ ميھڙ بي سيڪشن پوليس منشيات فروشن خلاف مختلف هنڌن تي ڪاروايون ڪندي:

ٻن جوابدارن حاجن ڪلهوڙو ۽ غلام مصطفيٰ پنهور کي ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو جڏھن تہ ھڪ ٻي ڪاروائي ۾ منشيات فروش سعيد پنهور کي ۲۴۰ گرام چرس سميت گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

*4) ٿاڻو جوهي:*

ايس ايڇ او جوهي جي اڳواڻي ۾ جوھي پوليس ڪاروائي ڪندي *گٽڪا فروش جوابدار دانش رند* کي گرفتار ڪري ورتو جوابدار وٽان Z21 گٽڪا سپاريون برآمد ڪيون ويون سندس خلاف گٽڪا مين پڙي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.