Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو: امن وامان جي صورتحال ۽ شھر ۾ پوليس جي موجودگي کي جاچڻ لاءِ ايس ايس پي دادو پاران شھر ۽ ڀر وارن علائقن جو گشت|پوليس نفري کي طلب ڪري بريفنگ ڏئي سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون

دادو: امن وامان جي صورتحال ۽ شھر ۾ پوليس جي موجودگي کي جاچڻ لاءِ ايس ايس پي دادو پاران شھر ۽ ڀر وارن علائقن جو گشت|پوليس نفري کي طلب ڪري بريفنگ ڏئي سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون

*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي شھر جو سرپرائز گشت ڪندي داخلي رستن تي قائم ڪيل چيڪنگ پوائنٽن، ھاء وي ۽ شھر اندر مقرر پوليس گشت ۽ پڪٽن جو جائزو ورتو*،

*شھر ۾ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد، ايس ايس پي دادو چيڪنگ پوائنٽن، پڪٽن ۽ گشت تي مقرر اھلڪارن انھن جي انچارجن ۽ مددگار 15 جي جوانن کي ايس ايس پي آفيس طلب ڪري کين بريفنگ ڏني، ڪوتاھي ڪرڻ تي ڪيو آر ايف يونٽ جي محرر سڪندر گشڪوري کي شوڪاز نوٽيس بہ جاري ڪيو*

*ايس ايس پي دادو سمورن اھلڪارن ۽ انھن جي انچارجن کي سختي سان ھدايتون ڏيندي شھر ۾ مؤثر موجودگي يقيني بڻائن جو حڪم ڏنو کين کي امن وامان بحال رکڻ لاءِ پنھنجي ڊيوٽي پوائنٽن تي وڌيڪ ھوشيار ۽ چاق وچوبند رھڻ سميت مشڪوڪ ماڻھن تي گھري نگاھ رکڻ جي سخت ھدايت ڪئي ۽ کين چيو ته امن دشمن عنصرن خلاف فوري ۽ بلا تفريق ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ان ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي ناقابلِ برداشت ھوندي.*


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.