Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پوليس بروقت ڪاروائي ڪري، سيوهڻ مان چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري ورتي، جوابدار بہ گرفتار

ضلع دادو پوليس

مورخہ، 3/10/2025

عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ دادو پوليس هر وقت تیار،

*دادو پوليس بروقت ڪاروائي ڪري، سيوهڻ مان چوري ٿيل ڪار هٿ ڪري ورتي، جوابدار بہ گرفتار*

گذريل رات سيوهڻ شريف مان قلندر لال شهباز جي زيارتي رياض علي سولنگي جي جي ايل آئي ڪار چوري ٿي وئي هئي

ڄامشورو پوليس جي اطلاع تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي ھدايتن تي دادو ضلعي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي

رات دير سان ميهڙ ويجهو انڊس هاءِ وي تي ايس ايچ او ٿاڻو ٿرڙي محبت انسپيڪٽر عبدالمجيد بروهي پوليس پارٽي سان گڏ ناڪابندي دوران مٿين چوري ٿيل ڪار (AQU-928) هٿ ڪري ورتي

ڪاروائي دوران ڪار سوار جوابدار کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو، جنهن جي سڃاڻپ خيرپور ميرس واسي امجد شاھ طور ٿي

دادو پوليس، ضابطي جي ضروري ڪارروائي بعد هٿ ڪيل ڪار ۽ گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪاروائي لاءِ ڄامشورو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.