Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو مددگار 15 پولیس بروقت ڪاروائي ڪري چوري ٿيل مينھن ھٿ ڪري ورتي

دادو مددگار 15 پولیس بروقت ڪاروائي ڪري چوري ٿيل مينھن ھٿ ڪري ورتي

رات دير سان ماروي ڪالوني دادو ۾ پورھيت منور لاکو جي گھر مان نامعلوم چور مينھن چوري ڪري فرار ٿي رھيا ھئا گھر ڌڻي اھڙو اطلاع مددگار 15 کي ڏنو

اطلاع ملڻ تي انچارج مددگار 15 اشرف علي پنهور سپاھ سميت بروقت واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي

انچارج مددگار 15 جي اڳواڻي ۾ پوليس ڀاڳين سان ملي جوابدارن جو پيڇو ڪيو ان دوران مڇي موري وٽ جوابدارن پوليس کي ويجھو ايندي ڏسي مينھن ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس مينھن ريڪور ڪري ضروري ڪارروائي بعد مينھن مالڪ منور علي لاکو جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.