Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو ويجھو پوليس جو سرچ آپريشن، ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي ڇاپا
ضلع دادو پوليس
تاريخ: 26/3/2025
دادو ويجھو پوليس جو سرچ آپريشن، ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي ڇاپا
ڊي ايس پي دادو سٽي جي اڳواڻي ۾ دادو ۽ جوهي سب ڊويزن جي مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز، مرد ۽ عورت پوليس اهلڪارن جي وڏي نفري ساڻ سرچ آپريشن ۾ حصو ورتو
دادو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران شهري منٺار لغاري قتل ڪيس سميت ٻين سنگين ڏوھن جي وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ جوهي جي ويجھو ڳوٺ تاجپور ۽ آسپاس ۾ ڏوهارين جي ممڪنہ ٺڪاڻن تي ڇاپا هنيا ويا
سرچ آپريشن دوران ليڊيز پوليس جي مدد سان گهرن جي تلاشي ورتي وئي، ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪري جھڙتي ورتي وئي ۽ ڏوهارين جي ٺهيل مورچن کي به ڊاٺو ويو،
سرچ آپريشن دوران ڪجھ هٿيار هٿ آيا آهن جڏهن تہ 4 شڪي ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. حراست ورتل ماڻهن ۽ هٿ آيل هٿيارن جي رڪارڊ جي وڌيڪ تصديق ڪئي پئي وڃي
ٽارگيٽيڊ ڪاروايون قتل، ڦر ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوھارين جي گرفتارين لاءِ ڪيون پيون وڃن– ايس ايس پي دادو
ڪارواين جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ ڏوهن ۾ ملوث عنصرن جو نيٽ ورڪ ختم ڪرڻ آهي– ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي ايس ايس پي دادو