Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو پوليس جو اهم قدم، انڊس هاءِ وي تي پهريون هاءِ وي پيٽرول پوسٽ فعال

دادو پوليس جو اهم قدم، انڊس هاءِ وي تي پهريون هاءِ وي پيٽرول پوسٽ فعال

دادو: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ (ستاروِ شجاعت، تمغوِ امتياز، پي ايس پي) جي ويزن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو (PPM, PSP) جي هدايتن تي عمل ڪندي، دادو پوليس انڊس هاءِ وي تي ميهڙ ويجهو شينهڻ جو دڙو وٽ پهريون هاءِ وي پيٽرول پوسٽ فعال ڪري ڇڏيو آهي.

مقامي پوليس کي شهرن ۾ امن امان قائم رکڻ سان گڏ ساڳئي وقت هاءِ وي جي نگراني ڪرڻ ۾ مشڪلاتون درپيش هيون ان ڏس ۾ هاءِ وي تي سفر ڪندڙ مسافرن کي بهتر تحفظ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي مقصد سان دادو پوليس انڊس هاءِ وي تي مؤثر پوليسنگ لاءِ هي قدم کنيو آهي.

هن عمل سان نه رڳو ڏوهن جي روڪٿام ۾ مدد ملندي پر مسافرن جو اعتماد به بحال ٿيندو، خاص طور تي رات جي وقت سفر ڪندڙ مسافرن کي تحفظ جو وڌيڪ احساس ملندو.

شينهڻ جو دڙو هاءِ وي پيٽرول پوسٽ کي جديد گاڏي فراهم ڪئي وئي آهي ته جيئن پوليس اهلڪار هاءِ وي تي بهتر نموني گشت ڪري سگهن.

ان کان علاوه، مقرر عملي لاءِ ضروري رهائش ۽ ٻيون سهولتون پڻ مهيا ڪيون ويون آهن ته جيئن اهي پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سان نڀائي سگهن.

پوليس اهلڪارن کي خاص تربيت ڏني وئي آهي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال، خاص طور تي گاڏين جي خرابي يا حادثي جي صورت ۾ فوري مدد فراهم ڪري سگهن.

هن قدمن کي عام ماڻهن ۽ انڊس هاءِ وي تي سفر ڪندڙ مسافرن پاران ساراهيو پيو وڃي ۽ پوليس جي هن ڪوشش کي هڪ مثالي قدم قرار ڏنو ويو آهي.

دادو پوليس، پنهنجي قيادت جي هدايتن مطابق پنهنجي دائري اختيار ۾ وڌيڪ ٽي (3) هاءِ وي پيٽرول پوسٽس فعال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي جيڪو روزمره جي پوليسنگ ۾ انقلابي بهتري جو سبب بڻجندو..*ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي، ايس ايس پي دادو*


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.