Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
پوليس عوام جي محافظ ۽ مددگار آھي ان جو عملي مظاھرو ڪندي دادو پوليس جي جوانن پنھنجو پاڻ ملھايو
پوليس عوام جي محافظ ۽ مددگار آھي ان جو عملي مظاھرو ڪندي دادو پوليس جي جوانن پنھنجو پاڻ ملھايو
گذريل رات دادو کان ڦلجي اسٽيشن ويندڙ لنڪ روڊ تي ٻٻر چاري وٽ ھڪ ڪار ۾ ويندڙ فيملي جي اچانڪ گاڏي خراب ٿي وئي پريشان حال مسافر فيملي وٽ حد ۾ گشت تي موجود ايس ايڇ او مخدوم بلاول سب انسپيڪٽر محمد سومرو ۽ سندس ٽيم پھچي نه صرف کين تحفظ فراهم ڪيو بلڪہ ھڪ لوڊر رڪشا جو به بندوبست ڪري مسافر فيملي جي ڪار کي ٽو ڪرائي مستري وٽ پھچايو.
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي پوليس ٽيم جي اھڙي عمل کي ساراھيندي کين شاباشي ڏني آھي.