Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن "المیزان" جاري
دادو: 22/10/2025
*دادو پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن "المیزان" جاري،*
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ ڪمانڊوز جي اٽالن جوهي ويجهو ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي
اڄ ڀنڀرڪي ويل قاسم آباد، ڇنڊڻ، ٺارو لغاري، تاجپور، چنگلاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏوهارين جي ٺڪاڻن جو گهيراءُ ڪيو ويو
علائقي ۾ جھاڙو آپريشن ڪندي پوليس مشڪوڪ ماڻهن، هٿيارن ۽ موٽرسائيڪلن کي ريڪارڊ جي تصديق لاءِ تحويل ۾ ورتو آھي
سرچ آپریشن دوران ھن وقت تائين 14 ڄڻا جاچ پڇا ۽ ريڪارڊ تصديق لاء حراست ۾ ورتا ويا
مختلف قسم جا 5 ھٿيار ۽ ڪارتوس به ھٿ ڪيا ويا
5 موٽرسائيڪلون به قبضہ پوليس ڪيون ويون آهن
سرچ آپريشن ۾ ڏوھارين جي ٺڪاڻن تان 15 موبائل فون به برآمد ڪيا ويا
سرچ آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ ٿنڀن تان لاٿل بجلي جون تارون بہ ھٿ
ڏوهارين جي پناه گاهن کي مسمار ۽ مورچن کي بہ تباھ ڪيو ويو
علائقي ۾ پوليس نفري موجود، ڏوهارين خلاف وڌيڪ پيش قدمي جو سلسلو جاري آهي