Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 10/6/2025
*دادو پوليس جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ*
ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايڇ او اي سيڪشن نور مصطفيٰ پٺاڻ، ايس ايڇ او بي سيڪشن بينظير جمالي ۽ انچارج سي آءِ اي سجاد علي جمالي پاران پوليس نفري ساڻ نشيات خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويو،
دوداڻي موري، نجم ڪالوني، پنج مور ۽ مرکپور وارن علائقن ۾ مختلف جاين تي ڇاپا هنيا ويا
جاسوسي اطلاع تي دادو ڪينال جي ويجهو ڪاروائي ڪري جوابدارن پاران زمين ۾ کڏا کوٽي لڪايل منشيات هٿ ڪئي وئي، خفيہ کڏن اندران وڏي مقدار ۾ گٽڪا سوپاريون برآمد ڪيون ويون
ڄاڻايل ڪارواين دوران 7 منشيات ڊيلر پڻ گرفتار ڪيا ويا گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ علي رضا ڀنڊ، امجد ڀنڊ، محمد صادق ڀنڊ، نعيم ڀنڊ، ذيشان سومرو، عبدالجبار سيال ۽ ساجد ڀنڊ شامل آهن.
ڪارواين دوران زيڊ 21 ۽ آداب گٽڪا سوپارين جا هزارين پئڪٽ هٿ آيا آھن جن جي ماليت لکين روپيا ٻڌائي پئي وڃي.
گرفتار جوابدارن ۽ ھٿ آيل منشيات بنسبت وڌيڪ ضابطي جي ڪاروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.
منشيات هڪ ناسور آهي جيڪو اسان جي نوجوان نسل کي تباھ ڪري رهيو آهي..*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي*
آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي واضح هدايتن تحت ضلعي دادو ۾ منشيات فروشن خلاف سخت قدم کنيا پيا وڃن– ايس ايس پي دادو
ان ڏس ۾ اسان جون ٽيمون مختلف علائقن ۾ ڪامياب ڪاروايون ڪري رهيون آهن– ايس ايس پي دادو
ڪارواين ۾ ڪيترائي منشيات فروش گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ وڏي مقدار ۾ منشيات بہ هٿ آئي آهي– ايس ايس پي دادو
اهي ڪاروايون بنا فرق جي جاري رهنديون ۽ جيڪو به هن ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث هوندو تنھن کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو.