Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: شھري جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد
*دادو: شھري جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد*
دادو شھر مان ڪجھ ڏينھن اڳ شھري اڪرم علي رند کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل (ون ٽو فائيو) دادو پوليس ڪاروائي ڪري برآمد ڪري ورتي
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي جي هدايتن تي اي سيڪشن ۽ سي آءِ اي پوليس گڏيل ڪاروائي ڪري موٽرسائيڪل برآمد ڪري متاثر شھري حوالي ڪئي.
اڪرم رند موٽرسائيڪل واپس ملڻ تي ايس ايس پي آفيس اچي ايس ايس پي دادو سميت ايس ايڇ او اي سيڪشن نورمصطفى پٺاڻ ۽ انچارج سي آءِ اي سجاد علي جمالي کي هار پارايا، پوليس جي فوري ڪاروائيءَ تي سندن حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوليس ڪارڪردگي کي ساراهيندي شڪرگذاري جو اظهار ڪيو.