Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ضلعي دادو ۾ امن قائم ڪرائڻ تي پوليس کي ڀرپور مڃتا ڏيندي شھرين طرفان ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي کي خراجِ تحسين پيش
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 30/10/2025
*ضلعي دادو ۾ امن قائم ڪرائڻ تي پوليس کي ڀرپور مڃتا ڏيندي شھرين طرفان ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي کي خراجِ تحسين پيش*
*دادو انجمنِ تاجران طرفان ايس ايس پي دادو ۽ پوليس ٽيم کي ڏوھارين خلاف پوليس آپريشن “المیزان” جي ڪاميابي تي پرجوش ۽ شاندار آجياڻو ڏنو ويو*
ان موقعي تي ايس ايس پي دادو سان گڏ ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو، سي آءِ اي انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالی، ايس ايڇ او بي سيڪشن مظھر علي نائچ، ايس ايڇ او ڦلجي اسٽيشن ساوڻ ڪلھوڙو، انچارج ڊي آءِ بي عبدالستار ميراڻي، پي آر او عبدالرزاق قمبراڻي، مددگار 15 انچارج شاهد علي پنھور، ٽريفڪ سارجنٽ سعيد پنھور ۽ ٻيا پوليس آفيسر ۽ اهلڪار موجود ھئا
ايس ايس پي دادو ۽ پوليس ٽيم جو مُک ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ پھچڻ تي وڏي انگ ۾ ننڍن وڏن دڪاندارن، ريھڙي لڳائيندڙ پورهيتن، مزدورن ۽ ٻين عام شھرين پاران پرجوش ۽ تاريخي استقبال ڪيو ويو
عوام پاران “ايس ايس پي دادو زنده باد” ۽ “سنڌ پوليس زنده باد” جي نعرن جي گونج ۾ ايس ايس پي امير سعود مگسي ۽ ٽيم تي گلن جي ورکا ڪئي وئي کين سوين گلن جا هار پارايا ويا، اجرڪ، ٽوپيون ۽ لونگيون تحفي طور پيش ڪيون ويون
انجمنِ تاجران طرفان دادو پوليس جي بهادر ڪمانڊر ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي کي امن قائم ڪرائڻ تي سندن خدمتن عيوض روايتي پڳُ ٻڌائي مانُ بخشيو ويو
ڪاروباري مرڪز اسٽيشن روڊ کان شروع ٿيندڙ آجياڻي وارو قافلو شھر جي ٻين بازارن ـ نيو چوڪ، سينما چوڪ، موبائل مارڪيٽ، ريشم گلي، شاھي بازار، سرافہ بازار ۽ ٻٻر بازار مان ٿيندو چانڊني چوڪ تي ختم ٿيو. ان دوران ھر بازار ۾ دڪاندارن ۽ شھرين طرفان وک وک تي ايس ايس پي دادو ۽ ٽيم تي گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي نعرا لڳايا ويا
سرافہ بازار جي دڪاندارن طرفان ايس ايس پي دادو جي آجياڻي ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي خاص تقريب بہ منعقد ڪئي وئي، مٺي ڪيڪ سان ايس ايس پي دادو سميت پوليس ٽيم ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جا وات مٺا ڪرايا ويا
ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن جو بہ وڏو انگ موجود هو۔ شھرين، دڪاندارن ۽ تاجرن پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو تہ ايس ايس پي دادو جي قيادت ۾ دادو پوليس جو ڏوھارين خلاف آپريشن “المیزان” قابلِ تعريف قدم آهي۔ ايس ايس پي دادو جي قيادت ۾ پوليس جي ڏينهن رات جي محنت سبب ضلعي دادو ۾ امن قائم ٿيو آهي، جنهن تي اڄ ايس ايس پي دادو ۽ سندن ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو پيو وڃي انھن وڌيڪ چيو تہ قانون جي بالادستي لاءِ دادو جا شهري پوليس سان شانہ بشانہ بيٺل رھندا.
جڏھن تہ شاندار حوصلا افزائي تي ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي طرفان انجمن تاجران، درزي اتحاد، موبائل مارڪيٽ يونين ۽ ٻين دڪاندارن ۽ شھرين جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ويو۔ ايس پي دادو چيو تہ عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي پھرين ترجيح آھي
ڏوھن خلاف دادو پوليس جي “زيرو ٽالرنس” پاليسي آھي ۽ ڏوھارين خلاف پوليس جو جاري مشن “المیزان” آپريشن جاري رهندو ۽ دادو جي امن تي ڪوبہ سمجھوتو نہ ڪيو ويندو۔