Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
دادو: ڏوھارين خلاف پوليس آپريشن ٻئي ڏينهن بہ جاري
دادو: 11/10/2025
دادو: ڏوھارين خلاف پوليس آپريشن ٻئي ڏينهن بہ جاري
ايس ايس پي دادو جي اڳواڻي ۾ دادو پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن مسلسل ٻئي ڏينهن بہ جاري رھيو
وڏي تعداد ۾ پوليس نفري ساڻ ٻورڙي واري ڪچي ۾ گھربل ۽ اشتھاري ڏوهارين جي پناهگاهن تي ڇاپا هنيا ويا،
ميهڙ ۽ ڪي اين شاھ سب ڊويزن جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز سميت 10 ٿاڻن جي پوليس ٻورڙي ۽ مصري چانڊيو واري علائقي جو گهيرائو ڪيو
پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ پڻ ٿي، گرفتاري کان بچڻ لاء ڏوھاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا
سرچ آپريشن دوران غير قانوني هٿيارن ۽ چوري توڙي ڦر ٿيل شين جي برآمدگي لاءِ ڏوهارين جي ٿاڪن جي تلاشي ورتي وئي
علائقي جي گذرگاهن کي سيل ڪري شڪي ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي وئي، سرچ آپريشن دوران 11 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جن کان پڇا ڳاڇا ۽ ڪرائم ريڪارڊ جي تصديق جاري آهي۔
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي جو چوڻ ھيو تہ، قتل سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث اشتهاري ۽ عادي ڏوهارين جي گرفتاري سميت غير قانوني هٿيارن جي برآمدگي لاءِ وڏي پيماني تي آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي
ھن وڌيڪ چيو تہ، امن امان ۾ خلل وجھندڙ ۽ قانون جي رٽ کي چيلينج ڪندڙ ڪنهن به عنصر کي بخشيو نہ ويندو، امن دشمن عنصرن خلاف آپريشن جاري رهندو