Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

دادو ۾ رمضان المبارڪ جي مناسبت سان پولیس پاران سيڪيورٽي انتظام سخت، امن وامان برقرار رکڻ لاءِ پوليس گشت، چيڪنگ ۽ پڪٽنگ ۾ اضافو

دادو ۾ رمضان المبارڪ جي مناسبت سان پولیس پاران سيڪيورٽي انتظام سخت، امن وامان برقرار رکڻ لاءِ پوليس گشت، چيڪنگ ۽ پڪٽنگ ۾ اضافو،

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي شهر جو گشت ڪري سمورن حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو

ايس ايس پي دادو فيلڊ وزٽ دوران سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن کي الرٽ رهڻ ۽ چڱي نموني ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون

ايس ايس پي دادو جو وڌيڪ چوڻ ھيو تہ:

رمضان المبارڪ جي مناسبت سان ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن

مسجدن، امام بارگاهن، بازارن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي سيڪيورٽي پلان تحت پوليس نفري مقرر ڪئي پئي وڃي

ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ھو پنھنجي علائقن ۾ آن روڊ رهن ۽ سمورن حفاظتي انتظامن جي نگراني سميت مقدس مهيني جو احترام برقرار رکڻ لاءِ رمضان احترام آرڊيننس تي عملدرآمد کي بہ يقيني بڻائن

غير معمولي سيڪيورٽي انتظامن جو مقصد عوام کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ سان گڏوگڏ پوليس ۽ شهرين وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.