Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري اي ڪيٽيگري جا منشيات ڊيلر گرفتار 2 ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ ڀنگ ھٿ ڪئي وئي
ضلع دادو پوليس
مورخہ، 10/4/2026
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن(ر) صدام حسين خاصخيلي جي ھدايتن تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري اي ڪيٽيگري جا منشيات ڊيلر گرفتار 2 ڪلو کان وڌيڪ چرس ۽ ڀنگ ھٿ ڪئي وئي*
تفصيل موجب:
ڪي اين شاھ ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او ڪي اين شاھ اعجاز علي مسڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس سيتا ناڪو ۽ لڌاڻ ڳوٺ ڀرسان ڇاپا ھڻي ٻن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو
گرفتار جوابدارن ۾ اي ڪيٽيگري جا منشيات فروش مولا بخش عرف ملنگ لانڊر ۽ مختيار چانڊيو شامل آھن جن وٽان 2150 گرام چرس برآمد ڪيو ويو جوابدارن خلاف ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽنس ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي دادو ۾ بہ پوليس اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪاروائي ڪندي ڀنگ سميت ھڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪري ورتو
ايس ايڇ او اي سيڪشن اڪبر علي چنا جي اڳواڻي ۾ اي سيڪشن پوليس ريلوي تلاءَ واري علائقي ۾ ڪاروائي ڪري منشيات فروش پيارو چانڊيو کي گرفتار ڪيو جنھن وٽان 6 ھزار 333 گرام نشہ آور ڀنگ برآمد ڪئي وئي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.