Press Releases
Latest Press Releases
For Queries
15
24 ڪلاڪن دوران لاوارث حالت ۾ ملندڙ ھڪ وڌيڪ معصوم نينگر کي دادو پوليس وارثن تائين پھچائي ڇڏيو،
24 ڪلاڪن دوران لاوارث حالت ۾ ملندڙ ھڪ وڌيڪ معصوم نينگر کي دادو پوليس وارثن تائين پھچائي ڇڏيو،
اڄ صبح جو ھڪ شھري نالي لياقت گاڏھي کي ٻرڙا شاخ ڀرسان انڊس ھائي وي تان لاوارث حالت ۾ نينگر ھٿ آيو ھو جنھن آس پاس معلوم ڪيو پر نينگر جا وارث نہ مليا جنھن بعد ڪنھن شھري جي معرفت نينگر کي ٻارن جي حقن لاء ڪم ڪندڙ سي آر سي آفيس آندو ويو، جتان ٻار کي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل منتقل ڪيو ويو ھو،
وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي ۽ سندس ٽيم مسلسل ٽن ڪلاڪن جي جدوجھد بعد ٻار جي وارثن جي ڳولا ڪندي دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بلاول زئونر پھتا جتي سندس نينگر جي چاچي کين سڃاڻپ ڪئي، نينگر جي چاچي دادو پوليس جا ٿورا پڻ مڃيا،