Press Releases

Latest Press Releases

For Queries

15

سيتا روڊ ڀرسان پوليس بروقت ڪاروائي ڪري ڳوٺاڻي جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي

*ضلع دادو پوليس*

30 مئي 2025ء

*سيتا روڊ ڀرسان پوليس بروقت ڪاروائي ڪري ڳوٺاڻي جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل برآمد ڪري ورتي*

سيتا روڊ ڀرسان سنھڙي شاخ وٽ نيم سرڪاري اداري جي ملازم محمد اسلم ڀرٽ کان موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ واري اطلاع تي ايس ايڇ او سيتا روڊ خليل الرحمان مسڻ ۽ سندس ٽيم فوري ردعمل ڏيندي موٽرسائيڪل ۾ لڳل ٽريڪر جي مدد سان ڦورن جو پيڇو ڪيو، پوليس کي پويان ايندو ڏسي نامعلوم ڦورو ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ڦٽي ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آھي. جڏھن تہ جوابدارن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪاروائي ڪئي پئي وڃي.

جڏھن تہ ايس ايس پي دادو پاران واردات ناڪام بنائڻ تي پوليس کي شاباسي ڏيندي کين وڌيڪ متحرڪ رھڻ ۽ علائقي ۾ مؤثر گشت جاري رکڻ جي ھدايت ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي موٽرسائيڪل مالڪ طرفان پوليس جي فوري ڪاروائي تي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ايس ايڇ او سيتا ۽ ٽيم کي ھار پارائي حوصلا افزائي ڪئي وئي.


© 2024 Sindh Police - All Rights Reserved.

Powered By: Software Section, I.T Directorate Sindh, Sindh Police.